رزميه شاعري

رزميه شاعري: رزميه شاعري، واقعاتي شاعريءَ جو اهو نمونو آهي، جنهن ۾ ڪنهن جنگ جي يادگيري، سوڀ، هار، سورهيائيءَ جو نقشو چٽيل هجي. هي عرب دؤر جي قديم رجزيه شاعريءَ وانگر هوندي آهي، جنهن کي رزميه شاعري پڻ چئجي ٿو. رزميه شاعريءَ کي Epic poetry چوندا آهن. هومر جي ايليڊ (Iliad) ان جو اعليٰ مثال آهي. فردوسيءَ جو ’شاهنامو‘ بہ رزميه شاعريءَ جي دائري ۾ اچي ٿو.
سنڌي ادب ۾ رزميه شاعريءَ جو ابتدائي نمونو سنڌي لوڪ ادب جي تاريخ ۾ ملي ٿو، جيڪو سنڌي لوڪ شاعريءَ جي صنف ’ڳاھہ‘ ۾ لکيو ويو آهي. انهن کي ’رزميه ڳاهون‘ چئي سگهجي ٿو. ڳاھہ هڪ قسم جو واقعاتي ۽ بياني بيت آهن، ان کي سنڌي بيت جو ابتدائي نمونو چئي سگهجي ٿو. ڳاھہ تمام قديم زماني کان ڀٽن، ڀانن ۽ ٻين سگهڙن جي زباني پنهنجو سفر جاري رکيو. سومرن جي دؤر ۾ ڳاهن جو رواج عام هو. رزميه ڳاهون 1150ع کان 1250ع تائين سومرن ۽ سمن جي گجرن سان لڙائين، دودي ۽ چنيسر جي جنگ ۽ ٻين ويڙهاندن بابت عام ملن ٿيون. سومرا دؤر جي ڳاھہ جي ٻن اهم شاعرن: ’ڀاڳو ڀان‘ ۽ ’سمنگ چارڻ‘ کانسواءِ ’هان فقير‘، ’ڀرپور شاھہ‘، ’بکر جا رضوي سيد‘ ۽ ’پير پٺو‘ بہ قابل ذڪر آهن. ان دؤر ۾ جيڪي لڙايون ٿيون، تن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿيون، جن سان منسوب رزميه ڳاهون پڻ ملن ٿيون.
(1) سومرن ۽ گجرن جون لڙايون: 1150ع کان 1250ع واري زماني ۾ سومرن ۽ گجرن جي وچ ۾ لڙايون ٿيون. هڪ ڀيري صلح ٿيو ۽ سومري حاڪم ڀونگر گجرن کي سڱ ڏيڻو ڪيو، پر ڀونگر جي پٽ ’ڏونگر راءِ‘ صاف انڪار ڪيو. انهيءَ ڪري گجرن سومرن تي ڪاهيو. ڏونگر جو ڀاءُ دودو انهن ڏينهن ۾ ڪاوڙجي دلو راءِ وٽ وڃي رهيو هو، ڏونگر هڪ قابل چارڻ جي هٿان دودي ڏانهن نياپو موڪيلو، دودو ڪاوڙيل هو، سو چارڻ کي چيائين تہ ”جيڪڏهن هيڻا ٿيا آهن تہ ڪنهن ٻانهيءَ جو سڱ ڏئي صلح ڪن.“ ان جي جواب ۾ چارڻ چيس:
جـر نہ کـٽن ڪنـگرين، راوَ نہ ڳنڍين ويڻ،
گولي وئي گجرين، تہ بہ چوندا دودي ڀيڻ.
(2) سومرن ۽ علاؤالدين جي جنگ: هي قصو سومرن ۽ علاؤالدين جي لڙائيءَ تي ٻڌل آهي، هيءَ لڙائي 1313ع ڌاري لڳي، جنهن کي ان زماني ۾ ڀاڳو ڀان مشھور ڪيو، جيئن تہ هيءَ هڪ قومي جنگ هئي، ان ڪري تمام گهڻو مشھور ٿي. ان لڙائيءَ سان تعلق رکندڙ ڪجهه رزميه ڳاهون هيٺ ڏجن ٿيون:
اڀ سڀ ڪنهن اڇو، اڀ نہ اڇو ڪوءِ،
مئي بہ مٿي ٿيو، سورهيه سر سندوءِ.

آڙ آڌي هئي ابڙي، نو ڇليون، ڏھہ لک،
گهوڙي ڪنڌ نہ ڦيريو، ماري اوءِ خلق.
ان لڙائيءَ ۾ ڄام ابڙي سومرن جون سامون جهليون هيون، مٿيان بيت ابڙي سمي جي سورهيائيءَ بابت آهن.
(3) ڄام هالي ۽ همير سومري جي جنگ: دودي جو پٽ همير سومرو هو، جنهن عمرڪوٽ کي پنھنجي گاديءَ جو هنڌ بڻايو، ڄام هالي جي ڌيءَ ٻاگهي ساڻس پرڻيل هئي، ٻاگهيءَ جو ڀاءُ هوٿي جڏهن ڀيڻ سان ملڻ آيو تہ همير سومري جي اڳوڻي زال مان ڄاول ڌيءَ جيجڙيءَ کي ڏسي مٿس موهجي پيو، جڏهن واپس ويو تہ پيءُ کي چيائين: ”مون کي همير جي ڌيءُ جيجڙيءَ سان پرڻاءِ“ پر همير انڪار ڪيو ۽ ٻاگهيءَ بہ کيس ان ڳالھہ کان روڪيو، جنهن تي همير ٻاگهيءَ کي بہ حويليءَ مان ڪڍي ڇڏيو. ڇو تہ همير جي ڌيءَ جيجڙي، ٻاگهيءَ جي ويڳيءَ ڌيءُ سمان هئي ۽ ان حوالي سان هوٿيءَ جي پڻ ڀاڻيجي ٿي ٿي. بهرحال ٻاگهي پيءُ وٽ وڃڻ بجاءِ اباڻي خدمتگار ’سيڪري‘ سان ٻاهر حويلي ٺاهي ويهي رهي. سيڪري مارجي ويو، ان کانپوءِ ڄام هالي جا پٽ هوٿي ۽ علي چڙهائي ڪري آيا.
ڀــلي پـــاڻـــي نـــه پـيـئـي، عـلـي ان نـه کـاءُ،
هميراڻي ڪوٽ سان، جان جان جنگ نہ ڪياءِ،
ان جنگ ۾ ڄام هالي جي فتح ٿي ۽ همير سومرو مارجي ويو.
مٿي بيان ڪيل چند واقعا سنڌي رزميه شاعريءَ جو بنيادي محرڪ آهن. وقت گذرڻ سان رزميه شاعري مختلف دؤرن ۾ پنھنجي موضوعاتي شناخت تہ قائم رکي، پر ان جي بيان جا گهاڙيٽا تبديل ٿيندا رهيا. رزميه ڳاھہ جي ابتدائي صورت کان ويندي عروضي شاعريءَ جي پابند صنفن تائين رزميه شاعريءَ پنهنجو سفر جاري رکيو ۽ جنگ نامن کان وٺي بيت تائين مختلف موقعن ۽ دؤرن ۾ ان جو اظهار ٿيندو رهيو. سنڌيءَ ۾ شروعاتي جنگ ناما مثنويءَ جي صنف ۾ لکيا ويا، جن ۾ 1873ع ۾ لکيل سڪندرناما، غلام مرتضيٰ شاھہ مرتضائيءَ جو سڪندرنامو 1311ھہ/1893ع، غلام محمد نظاميءَ جو سڪندرنامو، گل محمد رند جو سڪندرنامو، مير حسن علي خان حسن جا شهنشاھہ نامہ يا حملہ حيدري ۽ سنڌ جو شاهنامو بہ رزميه شاعريءَ جا اهم مثال آهن، جنهن کانپوءِ رزميه بيت مشھور جنگي موقعن تي لکيا ويا آهن. مخدوم غلام محمد بُگائيءَ مخدوم عبدالرحمٰن کهڙن واري جي شهادت جو واقعو منظوم ڪيو، جمن چارڻ، ميان نور محمد ڪلهوڙي ۽ قلات جي حاڪم عبدالله بروهيءَ جي وچ ۾ ٿيل لڙائيءَ جو رزميه داستان منظوم ڪيو، اهي رزميه شاعريءَ جا ٻہ اهم ۽ عمدا نمونا آهن.
ڪلهوڙا دؤر ۾ قلات جي خان عبدالله جو لشڪر محال ڪڇي، محال ڀاڳ ناڙي ۽ لاڙڪاڻي تي حملا ڪري ڦرون ڪندو رهندو هو، آخرڪار تنگ ٿي ميان نور محمد ڪلهوڙي لاڙڪاڻي جي گورنر شاھہ بھاري جي سرواڻيءَ ۾ لشڪر موڪليو. 1144ھہ مطابق 1731ع ڌاري جنڌير وٽ جنگ لڳي، جنهن ۾ عبدالله خان سوين ساٿين سوڌو مارجي ويو. ان جنگ جو احوال جمن چارڻ بيتن ۾ ڏنو آهي. ان کانسواءِ احسان فقير لانگاھہ جو ڪيڏارو بہ رزميه شاعريءَ ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. ان کان سواءِ ڪربلا واري واقعي جي حوالي سان سيد ثابت علي شاھہ جي مرثين ۾ بہ اهي عڪس موجود آهن:
ڪــربــلا جــي قــتل جي ڪر ڪا خبر اي آسمان!
ڪيئن ڏٺئي نيزي چڙهيا شاهن جا سر اي آسمان!
سيد ثابت علي شاھہ جي مرثيہ گوئيءَ ۾تقريباً ڪربلا جو ئي ذڪر موجود آهي. امام حسين عليہ السلام جي شهادت متعلق سيد خير شاھہ جو جنگ نامو بہ رزميه سنڌي شاعريءَ ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، جيڪو مخمس ۽ ڏوهيڙن تي مشتمل آهي. نم فقير مڱڻهار لسٻيلي جون جنگيون بيتن ۾ بيان ڪيون آهن.
ڪلاسيڪل سنڌي شاعريءَ ۾ شاھہ لطيف جو ’ڪيڏارو‘ بہ رزميه شاعريءَ جي زمري ۾ اچي ٿو:
ڪاري ڪڪر هيٺ، مون جهيڙيندي ڇڏيا،
ڪارا ڪُند هٿن ۾، اڙل وڇيرا هيٺ،
ٿي تنين سين ڏيٺ، مرڻ جن مشاهدو.
-
ڀــــڳــــو آءٌ مَ چــــوان، مــــاريـــو تـه وسهان،
ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سُونهان،
تہ پڻ لڄ مران، جي هونس پٺ ۾.
شاھہ لطيف جا مٿيان بيت سنڌي رزميه شاعريءَ جو اعليٰ مثال آهن. ان کانسواءِ خليفي نبي بخش قاسم جي سر ڪيڏاري کي سنڌي شاعريءَ ۾ منفرد سڃاڻپ آهي، جنهن ۾ کرڙيءَ جي ميدان تي ٽالپرن جي لشڪر ۽ شاه شجاع پٺاڻ جي وچ ۾ لڳل لڙائيءَ (1834ع) جي باري ۾ چيل سُر ڪيڏاري ۾ هن سنڌي سورهين جي نهايت دليريءَ ۽ جرئتمنديءَ سان وڙهندي سر صدقو ڪرڻ جي حوالي سان جنگ جي نظاري کي منظوم ڪيو آهي. اهو رزميه شـاعريءَ جو عمدو ۽ اعليٰ نمونو آهي:
کــرڙي کــائـــي رت، ڀت نہ وجهي وات ۾،
پــڙ ۾ پــهـــلــوانــن جـي ويٺي پرکي پت،
جنين نيڻن نست، نينھن نہ لائي تن سين.
-
مٿي آرڻ اڄ، ڪونڌ ڪڏندي آئيا،
پـڙ ۾ پـهــلوانن کي، لڏڻ ڏي نہ لڄ،
ڀـيٽـو وڃن ڀڄ، سائو ٿين سامهان.
خليفي نبي بخش جي رزميه شاعريءَ کي سنڌي رزميه شاعريءَ ۾ اهم مقام حاصل آهي.
جديد سنڌي شاعريءَ ۾ تنوير عباسيءَ جو ’ڪيڏارو‘، نياز همايونيءَ جو طويل نظم ’ساڻيھہ جي ساک‘، استاد بخاريءَ جو ڪتاب ’ڪيڏارو‘، خاڪي جويي جو طويل نظم ’آسڻ جا آريج‘ رزميه شاعريءَ جا مثال آهن.


لفظ رزميه شاعريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو