رزاق سروهي

رزاق سروهي

رزاق سروهي

رزاق سروهي: ناليواري صحافي، شاعر ۽ اينڪر پرسن رزاق سروهي جو پورو نالو عبدالرزاق ولد عبدالحق سروهي آهي. سندس جنم 2 سيٽمبر 1965ع تي ڳوٺ علي بخش سروهي، تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپور ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول علي بخش سروهي مان 1976ع ۾، مئٽرڪ گورنمينٽ مراد هاءِ اسڪول گمبٽ مان 1982ع ۾، انٽر گورنمينٽ سائنس ڪاليج گمبٽ، گريجوئيشن ۽ ماسٽرس (I.R ۾) شاھہ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان 1987ع ۾ ڪئي. هن لکڻ جي شروعات 1977ع کان ٻاراڻي ادب کان ڪئي. سندس لکڻيون ماهوار گل ڦل، ٻارڙا، گلن جھڙا ٻارڙا، هلال پاڪستان ۽ عوامي آواز ۾ شايع ٿينديون رهيون. رزاق 1986ع ڌاري شگر ملز ۾ اڪائونٽس شعبي ۾ ڪلارڪ طور ڪم ڪيو، پاڻ 1988ع ۾ تعليم کاتي ۾ ڪراچيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو. هي ادب ۾ شاعريءَ سان سلهاڙيل رهيو، جڏهن تہ صحافت ۾ سياست ۽ سماجيات بابت ڪيترائي مضمون۔ ڪالم ۽ ايڊيٽوريل پڻ لکيا اٿس. هن صحافتي ڪيريئر جي شروعات ‘عوامي آواز’ اخبار کان ڪئي، جتي سب ايڊيٽر ۽ نيوز ايڊيٽر رهيو. 2004ع ۾ صحافت سبب ماستريءَ تان وقت کان اڳ رٽائر ٿيو. رزاق سروهي سنڌ ٽي وي نيوز جو ڊائريڪٽر، اي آر واءِ نيوز ۾ ريجنل بليٽن جو انچارج ۽ 2011ع کان اڄ تائين آواز ٽي وي ۾ ڊائريڪٽر نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز طور پنهنجون خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي ۽ ڪراچي ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ رزاق سروهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.09.02  عيسوي

رزاق سروهي جوجنم 2 سيٽمبر 1965ع تي ڳوٺ علي بخش سروهي، تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپور ۾ ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شمشاد احمد سومرو
خادم حسين لاکير ڊاڪٽر
آگرو غلام رباني
شمس الدين قريشي
مرتضيٰ سيال
غلام مصطفيٰ ڀنڀرو
عنايت ﷲ زنگيجو
اندرا واسواڻي
رشيد آخوند
فتاح ملڪ
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون