رحيم بخش ’قمر‘: نامور شاعر، اديب ۽ صحافي رحيم بخش قمر ولد محمد عيسيٰ لاکو، 22 نومبر 1933ع تي ڳوٺ عمر راهو، تعلقي دولتپور صفن، ضلعي نوابشاھہ ۾ پيدا ٿيو. ننڍي عمر ۾ ئي سندس والدين وفات ڪري ويا، جنهن سبب هن يتيميءَ ۾ گذاريو. ابتدائي تعليم شڪارپور جي مدرسي ’انوار العلوم‘ مان مولانا عبدالله کان ورتائين، جتي ٻن سالن تائين عربي صرف و نحو پڙهيو ۽ تعليم جي حصول بعد نوابشاھہ ۾ گلزار مسجد ۾ پيش امام ۽ خطيب مقرر ٿيو. مولانا رحيم بخش لاکي جي زندگيءَ جو وڏو حصو نوابشاھہ ۾ گذريو. هن شاعريءَ جي اصلاح حافظ محمد احسن چنا کان ورتي. بيت، وائي، ڪافي، غزل، گيت، قصيدا، مثنويون، مخمس، مسدس، مستزار، مولود، موري، ڇلڙي، لولي، لوڪ گيت، ڳيچ ۽ همرچي وغيرہ جهڙين صنفن ۾ لکيائين. شاعريءَ ۾ ’قمر‘ تخلص ڪتب آڻيندو هو. سندس ڪلام روزاني ۽ هفتيوار اخبارن ۽ علمي، ادبي رسالن ۾ ڇپجندو رهيو ۽ ريڊيي تان بہ نشر ٿيو. سندس نثر ۽ نظم جا ٽيھہ ڪتاب ڇپيل آهن، سندس شاعريءَ جو ديوان ’ديوان قمر‘ جي نالي سان 1967ع ۾ شايع ٿيو.
مولانا رحيم بخش بھترين سيرت نگار بہ هو. سيرت پاڪ تي لکيل سندس ڪتاب سيرت ’خاتم الانبياء‘ بھترين تصنيف آهي، جنهن تي صدر پاڪستان جنرل ضياء الحق، 24 نومبر 1986ع تي کيس پنج هزار روپيا انعام ۽ سيرت اوارڊ جي سند ڏني هئي.
سندس شايع ٿيل ٻين ڪتابن ۾: (1) ’جمال مصطفيٰ‘ (1961ع)، (2) ’آخرت جي پوک‘ (1962ع)، (3) ’درٻار مدينه‘ (1967ع)، (4) ’درٻار ڪربلا‘، (6) ’فضائل قرآن‘، (7) ’جواهر القمر‘ (1968ع)، (8) ’سڄڻ آيو سهنج ٿيا‘، (9) ’زيب الرجان عرف ڏاڙهي‘ (طنز و مزاح)، (10) ’کلائيندڙ لطيفا‘ (طنز و مزاح)، (11) ’صحبت اولياء‘، (12) ’لائوڊ اسپيڪر تي نماز‘ (تنقيد)، (13) ’خطابت روح اســلام‘، (14) ’تنـدون جي طلــب جـون‘، (15) ’ڳاڙيـنـديـن ڳوڙها‘، (16) ’چنڊ تنھنجي ذات‘، (17) ’گهايل گهڻا گهوٽ‘، (18) ’آءٌ نہ گڏي پرينءَ کي‘، (19) ’روضـي پـاڪ رسـول جـي‘ (1993ع)، (20) ’سـاڻيـهـه جــي ســـاراھہ‘، (21) ’کڻي نيڻ خمار مان‘ (1978ع)، (22) ’تنوير الاسلام‘، (23) ’سگهڙ جي سوغات‘ (1992ع)، (24) ’شھيدن جي شان ۾‘ (1992ع)، (25) ’محبت جي ميدان ۾‘ (1981ع)، (26) ’سهرا ۽ سيج‘ (1982ع) ۽ (27) ’ماڻڪ موتي وغيرہ شامل آهن. سندس علمي ڪمن تي کيس مختلف اوارڊ بہ مليا. هن زندگيءَ جو پويون دور مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج نوابشاھہ ۾ خطيب ٿي گذاريو. مولانا رحيم بخش ’قمر‘ 26 ڊسمبر 1993ع تي وفات ڪئي.
1933.11.22 عيسوي
نامور شاعر، اديب ۽ صحافي رحيم بخش قمر ولد محمد عيسيٰ لاکو، 22 نومبر 1933ع تي ڳوٺ عمر راهو، تعلقي دولتپور صفن، ضلعي نوابشاهه ۾ پيدا ٿيو.
1993.12.26 عيسوي
مولانا رحيم بخش ’قمر‘ 26 ڊسمبر 1993ع تي وفات ڪئي.