رحمت ﷲ پيرزادو اول

رحمت پيرزادو (اول): رحمت پيرزادو (اول) ولد عبدالعظيم 1910ع ڌاري ڳوٺ فيڊر (شيخن جي ڳوٺ)، تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. ڪجهہ وقت رائيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڏوڪريءَ ۾ نوڪري ڪيائين ۽ پوءِ پنھنجي مرشد خواجہ محمدالزمان لنواري شريف جي خدمت ۾ رهيو. شادي ڪرڻ کانپوءِ موٽي ڳوٺ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. سندس غزل گو شاعريءَ کانسواءِ مرشد جي شان ۾ قصيدي جي شاعري جام ٿيل آهي، سندس ڪتاب ’قصائن پاڪ‘ جي عنوان سان سنڌ ادبي اڪيڊمي، ڪراچيءَ ڇاپي پڌرو ڪيو. هن 1951ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاھہ ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ ۾ آهي. ناليوارو مزاحمتي شاعر مير محمد پيرزادو سندس پٽ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو