
رحمت الله عباسي
رحمت ﷲ عباسي (سگهڙ): نامور سگهڙ رحمت ﷲ ولد ڳهڻي خان عباسيءَ جو جنم 1950ع ڌاري ڳوٺ ساجن ڪلهوڙي، تعلقي هالا ۾ ٿيو. پرائمري ۽ قرآن شريف جي تعليم سعيد آباد مان حاصل ڪيائين، ان کان پوءِ سندس والدين ساجن ڪلهوڙي مان لڏي ڳوٺ ديھہ ڦتو ٻلال، تعلقي موري ۾ رهائش پذير ٿيا. رحمت ﷲ عباسيءَ کي سگهڙائپ جو فن ورثي ۾ مليو، جو سندس والد نڙ تي بيت چوندو هو ۽ سندس ڏاڏو بہ بيت جو شاعر هو. سندن اوطاق تي هميشہ ڪچهريون پيون ٿينديون هيون ۽ سندس والد وٽ سگهڙ ايندا رهندا هئا. اهڙي ماحول ۾ رحمت ﷲ گهڻو متاثر ٿيو ۽ سندس لاڙو بہ سگهڙائپ طرف ٿيڻ لڳو. 1970ع ڌاري سندس ملاقات سنڌ جي نامياري سگهڙ محمد ملوڪ عباسيءَ سان ٿي ۽ سندس شاگردي اختيار ڪيائين. ٿوري عرصي بعد سگهڙ محمد ملوڪ عباسيءَ کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تي متعارف ڪرايو، ان کانسواءِ ريڊيو ڪوئيٽا ۽ ريڊيو ملتان تي بہ کيس پاڻ سان گڏ وٺي وڃي فن پيش ڪرڻ جو موقعو ڏياريو. رحمت ﷲ عباسيءَ سنڌ جي ٻين سگهڙن جي صحبت مان بہ گهڻو پرايو. سندس سگهڙائپ جو فن ڪافي برجستو ۽ سگهارو آهي. سگهڙائپ جي فن جي ڪري کيس ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ گهڻو ڀائيندو هو. هن وقت تائين سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ ثقافتي پروگرامن ۽ سگهڙن جي ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيندو رهندو آهي ۽ ڪيترن وڏن پروگرامن ۽ سگهڙ ڪانفرنسن جي صدارت بہ ڪندو رهيو آهي. کيس پنھنجي فن ۾ مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ، سرٽيفڪيٽ ۽ ٻيا انعام پڻ مليا آهن، جن ۾ قلندر لعل شھباز اوارڊ (2007ع)، سچل سرمست اوارڊ (2011ع)، عباسي ڪلهوڙا تنظيم پاران اوارڊ، جلال کٽي اوارڊ ۽ سنڌ سگهڙ ڀلائي تنظيم اوارڊ شامل آهن. ثقافت کاتي پاران 2012ع ۾ سندس لاءِ ماهوار وظيفو مقرر ڪيو آهي. سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو ’رهاڻ رحمت ﷲ جي‘ 2006ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. هن وقت ديھہ ڦتو ٻلال، تعلقي موري ۾ رهي ٿو.