رحمان ٺيڙهي: هيءُ ماڳ دڙي جي صورت ۾ سنڌو تھذيب جو اهم ماڳ آهي. هيءُ دڙو ديري اسماعيل خان کان اٺ ڏھہ ميل اتر اولھہ ۾ بنون روڊ جي کاٻي پاسي واقع آهي. سنڌو تھذيب جو هڪ وڏو مرڪز آهي ۽ رحمان ٺيڙهي لڳ ڀڳ هڪ چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل شاندار ماڳ آهي. رحمان ٺيڙهيءَ کان چار پنج ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ گومل ٺيڙهي آهي، جيڪا بہ سنڌوتهذيب جو هڪ ورق آهي. هي سرائيڪي ڳالهائيندڙ ماڻهن جو علائقو آهي. گومل نديءَ جا سڪل ڪنارا سنڌو تھذيب جي آثارن کي سانڍيو بيٺا آهن. سرائيڪيءَ ۾ ٺيڙهي يا ٺيڙھہ جي معنيٰ ڊهي پيل جاين جو ڍير آهي. هن کي رحمان ڍيري (Rahman Dheri) بہ چوندا آهن. سنڌو تھذيب سان واسطو رکندڙ هي ماڳ ديري اسماعيل خان جي ڀرسان موجود آهي. هن ماڳ تي احمد حسن داني صاحب ڪم ڪيو هو، جنهن جو چوڻ آهي تہ هي ماڳ ڏکڻ ايشيا جو قديم ترين ماڳ آهي، پر اصل ۾ ائين ناهي، جڏهن داني صاحب هي ماڳ چڪاسيو هو تہ شايد مهرڳڙھہ جي رپورٽ ڪانہ آئي هئي، جيڪو ست هزار سال پراڻو آهي. پوءِ بہ هي ماڳ سنڌوءَ جي قديم ترين ماڳن ۾ شمار ٿئي ٿو. هي ماڳ ديري اسماعيل خان شھر کان 14 ميل اتر ۾ آهي. ماڳ ڪافي وڏو آهي. هتان قديم دور جي ماڻهن جي رهائش جا آثار بہ مليا آهن. دڙو 22 هيڪٽرن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل، زميني سطح کان 4.5 ميٽر اوچو آهي. هتان ڪا مھر ڪانہ ملي آهي، پر ٺڪراٺو اوائلي سنڌو تھذيب سان ڀيٽڻ جهڙو ملي ٿو. اهڙو ئي ٺڪراٺو اوائلي ڪوٽڏجيءَ واري ماڳ تان مليو آهي. هي ماڳ 4000 ق. م جو ڪٿيو ويو آهي.