رجب المرجب: رجب يعني تعظيم وارو هي اسلامي سال جو ستون مهينو آهي. رحمت وارن چئن اسلامي مهينن ۾ هيءُ مهينو بہ شامل آهي. سنڌيءَ ۾ هن مهيني کي ’لکانو‘ چئبو آهي، جنهن مان مراد آهي: ’سڀاڳو، بخشڻ وارو، ڀاڳ وارو مهينو‘. رجب يعني ’تعظيم وارو مهينو‘. هن مهيني جون تمام گهڻيون فضيلتون بيان ٿيل آهن. حديث شريف ۾ آهي تہ رجب ﷲ تعاليٰ جو مهينو آهي، شعبان منهنجو مهينو آهي ۽ رمضان منهنجي امت جو مهينو آهي. هي مهينو دعائن جي قبوليت جو خاص مهينو آهي. حضرت ابوبڪر صديق رضي ﷲ عنھ فرمايو تہ: رجب پوک پوکڻ (ٻج ڇٽڻ) جو مهينو آهي، شعبان پوک کي پاڻي ڏيڻ جو مهينو آهي ۽ رمضان لاباري ڪرڻ ۽ ٻارِ (اَن) کڻڻ جو مهينو آهي. هن ئي بابرڪت مهيني جي ستاويهينءَ جي رات ﷲ تبارڪ و تعاليٰ پنھنجي حبيـب نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم کي معراج لاءِ عرش تي گهرايو، جنهن کي مسلمان ’عيد معراج النبي‘ يا ’جشن معراج النبي‘ طور هر سال ملهائيندا آهن. هن ئي مهيني ۾ ﷲ تعاليٰ، حضور ڪريمصه جن جي بيت المقدس کان مُنهن ڦيرائي ڪعبة ﷲ شريف ڏانهن مُنهن ڪري نماز پڙهڻ جي خواهش وچ نماز ۾ پوري ڪئي.