رتي1 (Rust): رتي سارين جي فصل کي لڳندڙ هڪ مرض آهي. هيءُ خطرناڪ بيماري آهي. هن جي اثر ڪري ‘ساري’ ڳاڙهي يا هئڊي ٿي ويندي آهي. هن مرض کي سڃاڻڻ جون نشانيون هي آهن تہ پنن تي ننڍا ننڍا داغ ٿي پوندا آهن. اهي پهرين نارنگي ۽ پوءِ ڪارا ٿي ويندا آهن، جنهن مان اندازو لڳائي سگهبو آهي تہ فصل تي مرض جو حملو آهي. هن بيماري کان فصل کي بچائڻ لاءِ زرعي دوا جا ڦوهارا ڪبا آهن. رتي ڪڻڪ جي فصل کي بہ لڳندي آهي.
رتي2: سون وغيرہ جي هلڪي تور لاءِ وزن (8 رتيون برابر هڪ ماسو). هي هڪ وزن جو مقدار آهي، جيڪو موجودہ نظام موجب 125 ملي گرام جي برابر ٿئي ٿو.