رتيو يا ڳاڙهيو: هي گاھہ جو هڪ قسم آهي. هن گاھہ جو ٻوٽو تمام ننڍو ٿيندو آهي، جنهن جا پن ساوا ٿيندا آهن ۽ ڪاٺي ڳاڙهاڻ مائل ٿيندي آهي. انهيءَ ڪري هن گاھہ جو نالو ڳاڙهيو آهي. هي گاھہ رڍن ۽ ڍڳين جي کاڌي طور ڪم ايندو آهي.