رتوڪوٽ2

رتوڪوٽ2

رتي ڪوٽ2 (سانگھڙ) جو هڪ ڏيک

رتي ڪوٽ2 (سانگھڙ) جو هڪ ڏيک

رتي ڪوٽ2 (سانگھڙ) جو هڪ ڏيک

رتي ڪوٽ2 (سانگھڙ) جو هڪ ڏيک

رتي ڪوٽ2 (سانگھڙ) جو هڪ ڏيک

رتي ڪوٽ2 (سانگھڙ) جو هڪ ڏيک

رتوڪوٽ2

رتوڪوٽ2: رتوڪوٽ، ضلعي سانگهڙ جي تعلقي کپري ۾ واقع آهي. هيءَ ڪوٽ سانگهڙ شھر کان 82 ڪلوميٽر ۽ کپري شھر کان 22 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، کپري تعلقي جي ديھہ کڄڻي جي سروي نمبر 135 ۾ ڦٽل حالت ۾ موجود آهي. نارا ڪئنال هينئر بہ ’رتوڪوٽ‘ کان اڌ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي وهي ٿو، جنهنڪري پاڻيءَ جي موجودگيءَ سبب ڪوٽ جي آسپاس آبادي ٿئي ٿي. ’تحفة الڪرام‘ ۾ مير علي شير قانع لکيو آهي تہ: ”سيف الملوڪ کي بديع الجمال مان 2 پُٽ هئا، هڪڙو ’رتو‘ ۽ ٻيو ’چَنو‘، هينئر تائين سيف الملوڪ ۽ سندس پُٽن جون قبرون رتي ڪوٽ ۾ آهن.“ جڏهن تہ اتان جي مقامي ماڻهن ۽ عام لوڪ جو اهو خيال آهي تہ هنن جڏهن کان اک کولي آهي تہ رتي ڪوٽ جا ڳاڙهسرا کنڊر ڏٺا آهن، تنهنڪري بہ هن کي رتوڪوٽ چيو وڃي ٿو. رتي ڪوٽ ڀرسان هڪڙو 300 سال پراڻو ڳوٺ يامين هنڱورجو آباد آهي، جنهن کي پڻ رتوڪوٽ سڏيو وڃي ٿو.
سنڌ جي تاريخ ۾ رتي ڪوٽ جي حوالي سان 2 ڪوٽ مشھور آهن، هڪڙي رتي ڪوٽ جا آثار سنڌو ڊيلٽا ۾ موجود آهن، جتي سنڌو ڊيلٽا جي اولھہ واري ڪناري تي مچق ٻيٽ تي هڪڙي ڪوٽ جا کنڊر موجود آهن. هن ڪوٽ جي ڀرسان قبرستان ۽ ٻيا آثار بہ مليا آهن. هنن آثارن مان قديم آثارن جي ماهرن کي ٺڪراٺو، ڪاشيءَ ۽ چينيءَ جي ٿانون جا ٽڪرا بہ ملن ٿا، جنهنڪري مقامي ماڻهو هن ڪوٽ کي رتو يا رتائو ڪوٽ بہ سڏين ٿا (وڌيڪ ڏسو: رتو ڪوٽ1). ائين ئي ٻيو رتوڪوٽ ضلعي سانگهڙ جي ڀرسان اڇڙي ٿر تعلقي کپري ۾ آهي ۽ اصل ۾ ضلعي سانگهڙ ۾ موجود رتي ڪوٽ جا احوال ان ڪري بہ مضبوط ۽ درست آهن، جو اُنهن مان هن ڪوٽ جون سرس شاهديون ملن ٿيون. ڪئپٽن ريڪس ٿر جي ٻين ڪوٽن جيان هن ڪوٽ کي وڏي اهميت وارو ڄاڻايو آهي. سندس چوڻ آهي تہ: ”عمرڪوٽ قلعي کان ٽيھہ ميل پري اتر طرف رتو ڪوٽ پرمار سوڍن جي دور انديشيءَ جي نشاني آهي، يا وري اُنهن کان اڳ جي نشاني آهي، پر ان جي اصل مصرف جو پتو نٿو پوي.“
تاريخ ريگستان‘ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تہ: ”مهيپال عرف ديوراج جي پٽ سوڍي کي سنڌ جي راجا 1125ع ۾ هي ڪوٽ تعمير ڪرائي ڏنو، ان وقت سنڌ ۾ سومرن جي صاحبي هئي. سومرن جي دؤر کانپوءِ سمن جو دؤر آيو، جنهن ۾ بہ رتوڪوٽ سنڌ جي ٻين دفاعي قلعن وانگي وڏي اهميت رکندو هو. اُن کان پوءِ ارغونن ۽ ترخانن جي دؤر ۾ پڻ هن ڪوٽ جو ذڪر ملي ٿو.“ مرزا باقيءَ جي دؤر کان پوءِ هن ڪوٽ جو ذڪر ڪٿي بہ ڪو نہ ٿو ملي. ممڪن آهي تہ مرزا باقيءَ جي ڪاھہ دوران هيءَ قلعو ۽ شھر برباد ٿيو هُجي. رتوڪوٽ درياھہ جي ڪنڌيءَ تي آباد آهي، نارا ڪئنال اڄ بہ رتي ڪوٽ جي کنڊرن ڀرسان وهي ٿو.“ ايڇ. ٽي. لئمبرڪ تحقيق ۾ ثابت ڪيو آهي تہ هاڪڙو ۽ نارو هڪڙي ئي وهڪري جا نالا آهن، اهو وهڪرو ٽن حصن ۾ ورهايل آهي، پهرين حصي واري وهڪري کي ’هاڪڙو‘ ۽ وچ حصي واري وهڪري کي ’نارو‘ سڏيندا هئا. رتي ڪوٽ ڀرسان ڪا بہ مشھور خشڪ گذرگاھہ موجود ڪو نہ هئي، ان ڪري قافلا اڪثر درياھہ جي ڪناري يا درياھہ جي ڀر مان خشڪ لنگهن وٽان لنگهندا هئا. رتي ڪوٽ سميت ان جي آسپاس ۾ درياھہ تي ڪيترائي مشھور پتڻ هئا، جن ۾ ڍليار پتڻ، هٿونگو پتڻ، محمد عالم پتڻ، ڀٽ ڀائٽي پتڻ، ڏنگ پتڻ، ماري پتڻ ۽ غلام نبي پتڻ شامل آهن. رتي ڪوٽ ۾ اولھہ واري پاسي هڪڙو اوائلي مندر پڻ موجود آهي، جنهن کي مذهبي وڳوڙ سبب ساڙيو ويو هو. هاڻي وري نئين سر ان مندر کي جوڙيو ويو آهي، ان مندر وٽ هر سال شِوَ جو ميلو لڳندو آهي. رتي ڪوٽ جي ڀرسان شِوَ مندر جي احاطي ۾ هڪڙي مڙهي بہ آهي، انهيءَ مڙهيءَ ۾ ٻائو سنڀوناٿ دفن ٿيل آهي. رتي ڪوٽ جي کنڊرن مٿان چوٽيءَ تي بلڪل وچ ۾ هڪڙو چلو يا مچ موجود آهي، جيڪو جهوني ڄار جي وڻ جي وچ ۾ آهي. هن چلي کي ميين ڀلي جو چِلو ڪوٺيو ويندو آهي. اهو چلو اوائلي يا قديم ڪونهي، پر رتي ڪوٽ جي زوال کان پوءِ مٿانهين چوٽيءَ تي ٺاهيو ويو آهي. رتوڪوٽ اڏاوت ۾ چورس يعني چوڪُنڊو هو، پر ڊهي تباھہ ٿي گولائيءَ ۾ کنڊر وارو ڏيک ڏئي رهيو آهي. ٿوري کوٽائيءَ مان ڀت جون اڏاوتون چوڪنڊيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ڪوٽ جي برجن جي ساخت ۽ تعداد جو انداز نٿو ڪري سگهجي.
مٽيءَ ۾ پوريل ۽ ڪنهن هنڌ تان ظاهر ٿيل ديوارن جي ماپ ڪئي وئي آهي، اهي ديوارون هر ڪنڊ کان اندازن ڇھہ سئو فوٽ ڊگهيون آهن. انهن ديوارن مان خاص ڪري اتر، اوڀر ۽ ڏکڻ وارين ديوارن مان ڪوٽ اندر داخل ٿيڻ جا لنگهہ پڻ محسوس ٿين ٿا. سمورين ديوارن جي سراسري ٿولھہ بنيادن وٽ ٻارنهن فٽ آهي، ڪوٽ اندر ڪنڀرن جي آويءَ جا نشان اڄ بہ ظاهر بيٺا آهن. هينئر تائين ٿيل تصديق ۽ ماپن مان پنجن برجن جا اهڃاڻ مليا آهن، جن مان چار برج ڪنڊن تي حفاظت لاءِ ۽ هڪڙو برج وري مُکيه دروازي وٽ هوندو هو. برساتي ريلن جي پاڻيءَ جي وهڪرن جا نشان بہ هن ڪوٽ ۾ ملن ٿا، جيڪي وهڪري ۾ ڪافي سرون وغيرہ بہ وهائي کڻي ويا آهن، ائين بہ ٿي سگهي ٿو تہ مقامي ماڻهن پنھنجي استعمال لاءِ اتان سرون ڪڍيون هجن. رتي ڪوٽ مان ٽن قسمن جي ماپن جون سرون ملن ٿيون، هڪڙيون وڏيون پڪيون سرون، ٻيون ننڍيون پڪيون سرون ۽ ٽيون وري ڪچيون سرون آهن.
رتي ڪوٽ جي کنڊرن ۾ وڏين پڪين سرن جو تعداد گهڻو آهي ۽ انهن جي ماپ ’11.510x3‘ انچ آهي. هي سرون نهايت سهڻيون ۽ مضبوط ٺهيل آهن، جيڪي ايتريون صديون گذري وڃڻ باوجود ساڳيءَ حالت ۾ اڃا تائين موجود آهن. ڪوٽ ۾ ڪجهہ تعداد اهڙين پڪين سرن جو بہ ملي ٿو، جن جي ماپ ’10.58x1.5‘ انچ آهي. هي سر پڻ ڏاڍي وڻندڙ ۽ هموار آهي، اُنهن سرن جو رنگ گهڻي پچائڻ ڪري ڪارسرو ٿي ويو آهي يا وري ائين بہ آهي تہ حملي آورن جي باھہ ڏيڻ جي نتيجي ۾ اُهي سرون وڌيڪ باھہ ۾ پچڻ ڪري ائين ٿي ويون هجن. ننڍين پڪين سِرن مان ڪي وڌيڪ تپش اچڻ تي ڪُميءَ جيان ڪٻيون ٿي ويون آهن. ڪچين سرن جو استعمال اوڀر ۽ اتر پاسي وارين اندروني اڏاوتن ۾ ملي ٿو.
رتي ڪوٽ وٽ ٺڪراٺو ڪافي تعداد ۾ ڦهليل آهي. انهن ۾ ڳاڙهين پڪين سرن جا اڌڙ، ڳاڙهن پٿرن جا ٽڪرا، شيشي جي چوڙين جا ٽڪرا، ڪچ ۽ ڪوڏيون مليون آهن. ان کانسواءِ دلن ۽ چاڏين جا ڍڪڻ، دلن جا ڪنا ۽ ٻين ٿانون جا ڀڳل ٽڪرا پڻ ملن ٿا.
رتي ڪوٽ مان ڪافي تعداد ۾ ڏيئن جا ٽڪرا بہ مليا آهن، اهي ڏيئا ماپ ۾ وڏا آهن، جن جو ترو تراکڙو آهي. هتان لوھہ جون شيون بہ مليون آهن، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو تہ لوهي ساز و سامان جو بہ هن ڪوٽ ۾ واهپو هو. رتي ڪوٽ جي کنڊرن ۾ نيري رنگ جا پلاسٽڪ سان مشابهت رکندڙ مٽيءَ جا ڪافي ڪرا مليا آهن جن کي ليبارٽري ٽيسٽ ڪرايو ويو تہ اهي بيٽونائيٽ ڪيميڪل ثابت ٿيا. بيٽونائيٽ ڪمزور زمين لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، جڏهن ڪا زمين بار کڻي نہ سگهي تہ ان جون انجيڪشنون ڀري زمين ۾ وڌيون وينديون آهن، جنهن سان زمين سخت ۽ مضبوط ٿي ويندي آهي ۽ عمارت جو بار کڻي ويندي آهي. رتي ڪوٽ ۾ بيٽو نائيٽ جهڙي مٽيريل جي موجودگي تعجب ۾ وجهي ٿي تہ ان دؤر جي ماڻهن ۾ عمارتسازيءَ جو ايڏو فن هو جو درياھہ ڪناري اڏيل جاين ۽ ڪوٽن کي محفوظ ۽ پختو ڪرڻ جي بہ کين مهارت حاصل هئي. رتي ڪوٽ مان لڌل ڪجهہ وٿون انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شوري جي ميوزيم ۾ رکيل آهن. اتي هڪ خوبصورت عورت ۽ ٻي پاسي گوتم ٻڌ جي تصوير جي صورت اُڪريل آهي. انهن وٿن ۾ انهن مان عورت واري تصوير ۾ ناري، ڄڻ تہ نرت جي ڪنهن انداز سان بيٺل نظر اچي ٿي. چينيءَ جي ٿانوَ جو ٽڪرو بہ پيل آهي، جنهن تي نيرا ساوا نقش، مور پکيءَ جي پرن جهڙو ڏيک ڏين ٿا. ان کانسواءِ هتان ٽامي جا سِڪا بہ لڌا ويا آهن، جن مان ڪجهہ هندستان جي بادشاھہ محمد بن تغلق جي دؤر جا آهن، جيڪي دهليءَ جا ٺهيل آهن، جڏهن تہ ٻيا وري سنڌ تي قابض رهندڙ ترخان حاڪم مرزا باقيءَ جي دؤر جا آهن، جيڪي ان جي تخت گاھہ ٺٽي مان ضرب ٿيل آهن.
عبدالله ورياھہ موجب رتو ڪوٽ، گوتم ٻُڌ جي دؤر جو ٻڌايل شھر هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو