
رتوڪوٽ 1

رتوڪوٽ 1

رتوڪوٽ 1

رتيڪوٽ مان مليل ٺڪر جي پڪل ٿانون جو نمونو
رتوڪوٽ 1: رتوڪوٽ ڪراچيءَ کان 27 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اڀرندي ڪنڊ کان ڏاکڻي سامونڊي پٽيءَ ۾ مُچق ٻيٽ تي آهي. مُچق ٻيٽ سنڌو نديءَ جي اتر اولھہ واري طرف آهي. مچق ٻيٽ ايراضيءَ ۾ بدگونيا نموني اولھہ ڏکڻ (اولھہ کان اوڀر) ۽ اتر اوڀر اٽڪل ساڍا 9 ڪلوميٽر آهي، جڏهن تہ ٻيٽ جي ويڪر ٽي ڪلوميٽر آهي. هاڻوڪي دؤر ۾ سامونڊي کاڌ سبب ٻيٽ جو پيٽ سوڙهو ٿي رهيو آهي. ڪنارن جي هيٺانهين ويرن جي چڙهڻ سبب ٻيٽ پاڻيءَ جي لپيٽ ۾ ايندو رهيو آهي. مُچق ٻيٽ جنهن کاريءَ تي آهي، ان جو منهن ڀنڀور ڏانهن ويندڙ لنگهہ ٺاهي ٿو. ان کاريءَ کي ڦٽي ڪريڪ، جاڙي ڪريڪ، ڇارا ۽ گهارو ڪريڪ بہ ڪوٺيو وڃي ٿو. هن کاريءَ جي اهميت ڀنڀور جي ڦِٽڻ سبب گهٽجي وئي، پر اڄڪلھہ هن کاريءَ جي ساڄي ڪناري ڀنڀور ۽ سمنڊ جي وچ ۾ قاسم پورٽ ٺھڻ ڪري، وري هن کاريءَ کي اهميت ملي آهي. مُچق ٻيٽ جيئن تہ وارياسي ۽ هيـٺائين زمين تي آهي. ان ڪري سامونڊي ويرون جڏهن بہ چڙهن ٿيون تہ ٻيٽ جو ڪافي حصو ٻُڏي وڃي ٿو. مُچق ٻيٽ تي هي تاريخي آثار 54 هيڪٽرن (135 ايڪڙن) ۾ پکڙيل آهن. مکيہ آثارن کي درياھہ جي ڪپ تي رهندڙ ماڻهو ’رتو ڪوٽ‘ سڏين ٿا. هي پنجن دڙن تي ڦهليل ماڳ آهي، جتان قديم وٿون ملن ٿيون. هتي ڪوٽ جي آثارن سميت هڪ قبرستان، هڪڙي پراڻي مسجد کانسواءِ قبرون ۽ هڪڙي قبر مٿان سھڻي چوکنڊي نموني جي ڇٽي بہ جڙيل آهي.
مچق ٻيٽ تي رتوڪوٽ پراڻي دؤر جي وڏي ۾ وڏي علامت آهي، جيڪو اٽڪل 4.38 ايڪڙن ٽن ميٽرن جي اوچائيءَ تي آهي. ڪوٽ جون اندريون ڀتيون چوٽين تائين مٽيءَ سان لٽجي ويون آهن، صرف وچ ۾ هڪڙو کڏو موجود آهي. رتو يا رتائو جي معنيٰ ۽ مفهوم ’رت جهڙو ڳاڙهو‘ آهي. آسپاس جي ماڻهن جو چوڻ آهي تہ ڪوٽ تي هن نالي جو ڪارڻ، ڪوٽ جي کنڊرن جو ڳاڙهو رنگ هئڻ آهي. خاص ڪري سج لھڻ مھل جڏهن سج جا ڳاڙها ڪرڻا ڪوٽ جي آثارن تي پوندا آهن تہ ٽمندڙ رت وانگر ڳاڙها نظر ايندا آهن، جڏهن تہ ڪجهہ مؤرخن جو خيال آهي تہ رتو لفظ، ٺٽي جي گورنر ’رتون‘ پويان ورتل آهي، جيڪو ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ ٿي گذريو آهي.
رتي ڪوٽ جي شڪل ۽ بناوٽ چوڪور آهي. ڪوٽ جو اولھہ ۽ اوڀر پاسو، اتر ۽ ڏکڻ پاسي کان ٿورو وڏو آهي. ڪوٽ جي اولھہ پاسي جي ڊيگهہ 352.2 فوٽ، اوڀر پاسي جي ڊيگهہ 357.5 فوٽ، اتر پاسي جي ماپ 319.5 فوٽ ۽ ڏکڻ پاسي جي ماپ 331 فوٽ آهي. رتي ڪوٽ جي ڀت جي ويڪر 7.5 فوٽ آهي. سمورو ڪوٽ پڪين مستطيل سرن جو ٺهيل آهي، جن ۾ ڪٿي ڪٿي ڀڳل سرون بہ استعمال ٿيل آهن. لڳي ائين ٿو تہ اهي سرون ڪنهن پراڻيءَ جاءِ مان ڪڍي استعمال ۾ آنديون ويون آهن. ڪوٽ جي ڀتين ۾ سِرون ابتيون سبتيون لڳايون ويون آهن. ڪافي سرون سڙيل ۽ ڪاريون آهن. ڪوٽ کي اتر- اوڀر ۽ ڏکڻ پاسي پنج پنج برج آهن ۽ اولھہ طرف ڇھہ برج آهن. ڪوٽ جي سمورن برجن جي شڪل ۽ بناوٽ هڪ ٻئي کان بدليل آهي. اڪثر برج ڊگها ۽ اڌ گولائيءَ واري شڪل جا ٺهيل آهن. جڏهن تہ اوڀر پاسي وارا برج اڌ بيضوي شڪل جا آهن. سمورن برجن جي ماپ گهٽ وڌ آهي. انهن مان ڪن جي ماپ 22 فوٽ ۽ ڪن جي 24 فوٽ آهي. برجن جي ڊيگهہ 26 کان 29 فوٽ آهي. برج ڪوٽ واري ديوار کان ڊيگهہ ۾ 20 کان 23 فوٽ ٻاهر نڪتل آهن. ڪوٽ جي ڪنڊن وارا برج بہ هڪجهڙا نہ آهن. ڏکڻ اولھہ جي ڪنڊ وارا برج بلڪل گولائيءَ ۾ آهن، جڏهن تہ باقي ٽنهي ڪنڊن وارا برج نبات جي شڪل جھڙا آهن.
برجن جي ديوارن جي ٿولھہ بہ ساڍا ست فوٽ آهي. برجن وچ ۾ ڇڏيل فاصلو بہ هڪ جيترو نہ آهي. ديوار جو ٽڪرو هڪ برج کان ٻئي برج تائين 12 فوٽن جي فاصلي تي آهي تہ ڪي وري 22 فوٽن جي فاصلي تي آهن. جڏهن تہ اولھہ پاسي واري ديوار ۾ اهي ٽڪرا اڃا بہ ننڍا آهن، ڇو تہ ان ديوار ۾ لاڳيتا ڇھہ برج آهن. ڪوٽ جي حدن کان ٻاهر ٻن برجن اڳيان هڪ چوڪور برج آهي، برج جي شڪل مان ائين ٿو لڳي تہ اهو برج ڪوٽ جي اڏاوت کان پوءِ جو ٺهيل آهي. اهو برج پڪين سرن سان ٺهيل آهي ۽ برج جون ديوارون 6.5 فوٽ ٿلهيون آهن. ڪوٽ جي ديوارن جي ماپ ٽنهي طرفن کان مختلف آهي. اتر واري ديوار 34 فوٽ، اولھہ واري ديوار 56 فوٽ ۽ ڏکڻ واري ديوار 45 فوٽ ڊگهي آهي. هڪ لنگهہ اولاهين ديوار ۾ لڌو ويو آهي. ان جي چائنٺ هيٺان هڪ سوڙهي نالي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڀڃي ڪڍي وئي آهي، برج جون اندريون حصو ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، جن مان هڪ ورانڊو، جيڪو ‘L’ جي صورت ٺاهي ٿو ۽ ٻيو مستطيل ڪمري جي صورت ۾ آهي. ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اولهائين ديوار مان هڪ لنگهہ آهي. ان لنگهہ مان اندر اچڻ شرط ورانڊو آهي. کوٽائيءَ دوران انهيءَ چوڪور برج وٽان سؤ کان مٿي ڪجهہ سڄا ۽ ڪجهہ ڀڳل سرن جھڙا گولا هٿ آيا آهن، جن مان انومان آهن تہ اهو هنڌ اسلحہ خانو هوندو. ان چوڪور برج مان ڪوٽ اندر وڃڻ جو ڪو بہ لنگهہ نہ آهي ۽ نہ ئي وري ڪنهن ٻئي هنڌان يا برجن وٽان ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪو دروازو آهي. لنگهه واري برج وٽان ڪوٽ جي اندرين فرش جي سطح تي، ريتيلي پٿر جا بنياد مليا آهن، لنگهہ وارو برج، جنهن کي پوئين دؤر ۾ ڪوٽ سان ملايو ويو آهي، تنهن ۾ ٽن درن جون چائنٺون مليون آهن، جن مان فرشي سطح جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.
ڪوٽ جي ديوارن جي موجودہ بلندي تري کان 36-35 فوٽ آهي، جيڪا اندرين فرش جي سطح کان 4-5-8 فوٽ بلند آهي. ڪوٽ جو دفاع گهڻو ڪري ڪٽهڙن ۽ برجن تي بيهي ڪيو ويندو هو. ان کانسواءِ ڪوٽ جي ڪجهہ برجن تي ٿلهن جا آثار پڻ مليا آهن. ڪوٽ هيٺانهين واري هنڌ تي اڏيل آهي، ان ڪري حملو ڪندڙ آسانيءَ سان ڪوٽ تائين رسي سگهي ٿو. ڇو تہ ڪوٽ جي ڀرسان ڪا بہ وڻڪار ڪونهي. عام قلعن جيان هن قلعي ۾ ڳڙکن، مارن يا نالين وارو دفاعي طريقو ضروري نہ سمجهيو ويو آهي. ان ڪري ڪوٽ ۾ برج گهڻا آهن. ڪوٽ اندر اڏاوتن جا نشان آهن. اڏاوتن جي اها قطار جيڪا شايد گدام يا رهائش لاءِ ڪم ايندي هجي، جڏهن تہ ڪوٽ جو باقي وچيون حصو بنا ڪنهن اڏاوت جي هيٺانهون آهي، اهو حصو کليل معلوم ٿئي ٿو. جڏهن تہ اڏاوتون ڍڪيل گيلريءَ سان هجڻ جو پڻ امڪان رد نٿو ڪري سگهجي. 1312 فوٽن جي گهيري واري هن ڪوٽ ۾ برجين جي گهڻائي آهي، ڪوٽ ۾ 25 برجيون آهن. برجين جي شڪل اڌ گول ۽ اڌ بيضوي آهي. انهن مان ڪنڊن وارا ناسپاتيءَ جھڙا برج منفرد حيثيت رکن ٿا، جڏهن تہ برجن جي قطر جي سراسري ماپ 23 فوٽ ۽ ڊيگهہ 23 کان 32.5 فوٽ آهي.
ڪوٽ جي بناوٽ ايراني نار ۾ موجود ’صيراف‘ جي قلعي جهڙي آهي، ڇو تہ صيراف وارو ڪوٽ چوڪنڊين ديوارن سان گڏوگڏ اڌ گولائي جوڙ ڊگهن برجن وارو آهي. صيراف جو قلعو ساسانين جو دؤر سان سڃاتو وڃي ٿو. عربن جي قبضي بعد 8 صدي عيسويءَ ڌاري انهن کنڊرن تي عربن هڪڙي مسجد ٺاهي. ائين ئي ايران جي جارجين صوبي ۾ ’تورنگ تيپي‘ جو قلعو بہ ذري گهٽ رتي ڪوٽ سان مشابهت رکي ٿو. اتان کوٽائيءَ دوران هڪ ٻن برجن وارو دروازو هٿ آيو آهي. انهيءَ قلعي ۾ هڪ اڌ بيضوي شڪل جو برج بہ مليو آهي. ايران وارو ’تورنگ تيپي‘ قلعو ٽين صدي عيسويءَ جو سڏيو وڃي ٿو. ايران ۾ ساڳئي نموني جي برجن ۽ ديوارن وارا ٻيا بہ ڪيترائي قلعا آهن، جيئن: اسڪندريا جو ننڍو قلعو، آزربائيجان ۾ هنتاوان جو قلعو، غازي قلعو، تخت سليمان کي ڪچين سرن واري ڏنل ديوار، ساگديانا (ازبڪستان) ۾ ٻانڌي خان جو ۽ ٽيپ جو قلعو وغيرہ. انهن جا برج بہ رتي ڪوٽ جي برجن سان مشابهت رکندڙ آهن.