
رتن ناٿ جي ڪُندريءَ وٽ دڙي مان نڪتل ٻُڌڪي دورجو ڪونرو
رتن ناٿ جو دڙو ۽ ڪُندري (ماڳ): هيءُ ماڳ ڪوهستان جي تئونگ ڳوٺ کان اٽڪل هڪ ڪلوميٽر اولھہ ۾ تئونگ واهيءَ جو چشمو آهي. ان چشمي جي ڀر ۾ رتن ناٿ جي مڙهي آهي. رتن ناٿ کي اولياءَ جو درجو مليل آهي. هڪ روايت موجب رتن کي ’رتن ناٿ‘ جو لقب حضرت علي عليہ السلام ڏنو هو، جنهنڪري هي چشمو ’رتن ناٿ ڪندري‘ سڏيو ويو.
رتن ناٿ ڪُندريءَ جي ڀر ۾ هڪ وڏو دڙو آهي، جيڪو تعلقي ٿاڻي بولا خان، ضلعي ڄام شوري ۾ 25° 46' 48" ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 67° 63' 94" ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. ان دڙي کي پٿري بلاڪن سان ڏنل قديم چؤديواريءَ جي هڪ ڀت اڃا تائين قائم آهي. دڙو ان ڪندريءَ ۽ ديوار جي وچ ۾ آهي. ان دڙي مان ٺڪراٺو ۽ هڪ لوٽو، ٻوڌي زماني جا مليا آهن. هن وقت ان جي بيهڪ هوبهو ڪنهن اسٽوپا جهڙي آهي، جنهن جي ويجهو ئي هڪ وڏي ٻُڌڪي سائيٽ بہ موجود آهي.
رتو ڀڙو: هي ڀڙو اسلامي دؤر جو آهي ۽ ضلعي ٺٽي ۾ جهوڪ ۽ بلڙي شاھہ ڪريم ويجهو قومي شاهراھہ جي اوڀر طرف روڊ ڀرسان شان فيڊ فيڪٽريءَ لڳولڳ ديھہ ڪينجهر ۾ واقع آهي. هن مدرسي بابت هڪ عجيب غريب روايت ملي ٿي، جنهن موجب شاگرد ۽ استاد، اوچتي مدرسي ڪِرڻ سبب ان جي ملبي هيٺ دٻجي ويا. ڳاڙهين سرن جو دڙو بڻيل مدرسو گذريل هڪ صديءَ کان ’ڳاڙهو رتو ڀڙو‘ سڏجي ٿو.