ربيع الآخر/ ربيع الثاني

ربيع الآخر/ ربيع الثاني: اسلامي سال جو چوٿون مهينو آهي. عرب عالمن جڏهن مهينن جا نالا تجويز ڪيا هئا تہ ان وقت بھار جي پڇاڙي هئي، يعني بھار جو پويون ۽ آخري حصو هو. ان ڪري هن مهيني جو نالو ربيع الآخر يا ربيع الثاني (پوئين بھار) رکيائون ۽ بھار جي شروعات يا پهرين بھار تي ربيع الاول نالو رکيو ويو آهي.
اسلامي تاريخ ۾ هن مهيني کي ’صلح جو مهينو‘ چيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ تہ حضرت علي عليہ السلام جي شهادت کانپوءِ سندس فرزند حضرت حَسن عليہ السّلام خلافت جي تخت تي ويٺو، جنهن تي مسلمانن ۾ ڌڙابندي ٿي هئي ۽ هڪ وڏي ٽولي جي قيادت امير معاويه ڪري رهيو هو ۽ مسلمانن ۾ وڏي جهيڙي ٿيڻ جو خطرو موجود هو. امير معاويه جي حامين کيس خلافت ڏيڻ ٿي چاهي. ان خطري کي ٽارڻ لاءِ حضرت امام حسن عليہ السّلام امير معاويه جي حق ۾ خلافت تان هٿ کڻي صلح ڪيو. ان صلح جي پيشنگوئي نبي پاڪ صلي عليہ وسلم جن اڳ ۾ ئي ڪري ڇڏي هئي. اهو سال41 ھہ هو، جنهن کي ’عامة الجماعة‘ اجتماع يا صلح جو سال بہ سڏيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو