
رباط بزنيس سينٽر جو هڪ ڏيک
رباط: مراڪش جي شھر رباط جو بنياد موحدن رکيو. موحن جي خانوادي عبدالمؤمن 545ھہ/ 1150ع ۾ قلعي کي چؤگرد عسڪري تياريءَ جو مرڪز ٺاهيو ۽ اتي لشڪر گڏ ڪيا. اهي لشڪر اندلس ۾ جهاد لاءِ گڏ ڪيا ويا. هتي هڪ مستقل تعمير جو سلسلو شروع ڪيو ويو ۽ مسجد ۽ شاهي قيام گاھہ جي ننڍڙي شھر جو ڍانچو جوڙيو ويو. جنهن جو نالو ’المهديه‘ رکيو ويو. عبدالمؤمن جي جاءِ نشين ابو يوسف يعقوب المنصور (558ھہ/1163ع-580ھہ 1184ع) جي زماني تائين هتي تعمير ۽ ترقي جاري رهي. 1195ھہ ۾ موحدن جڏهن قشتالا جي الغانسو اٺين جي خلاف فتح حاصل ڪئي، تڏهن هن شھر جو نالو رباط الفتح رکيائون. يعقوب المنصور رباط الفتح ۾ هڪ عظيم الشان مسجد جوڙائڻ شروع ڪئي، جنهنجي ويڪر 470 فوٽ ۽ ڊيگهه 610 فوٽ رکي وئي. عالم اسلام ۾ هن کان وڌيڪ وڏي مسجد فقط سامراه جي مسجد هئي. هن مسجد جا ٽي اڱڻ ۽ سورنهن دروازا هئا، مگر سندس حياتيءَ ۾ ان مسجد جي تعميرات جو ڪم مڪمل ٿي نہ سگهيو. رباط جي مقابلي واري شھر سلا جي سياسي ۽ تجارتي اهميت چوڏهين صدي عيسويءَ تائين برقرار رهي. 1248ع ۾ رباط ۽ سلا شھر بنو مرين جي قبضي ۾ اچي ويا. 1610ع ۾ غرناطه جي سقوط کانپوءِ رباط ۽ سلا اندلس جي پناهگيرن جي نئين آباديءَ هيٺ اچي ويا. ان کانپوءِ رباط جلد ئي هڪ ننڍڙي سامونڊي جمهوريه جو مرڪز ٿي ويو، جنهن جون واڳون اندلسي مورن جي هٿن ۾ هيون. رباط جي هسپا ندي مورن جي آزاديءَ جي جذبي ۽ دولت هن شھر کي جلد مراڪش جي بادشاهن جي نظرن ۾ اهميت وارو ٺاهي ڇڏيو.
19 جولاءِ 1911ع ۾ سلا ۽ رباط تي فرينچ فوج جو قبضو ٿي ويو، 1931ع ۾ رباط جي آبادي 32 هزار هئي، جنهن ۾ 28 هزار رڳو مسلمان هئا ۽ چار هزار يهودي هئا. 1961ع ۾ مسلمانن جي آبادي اڍائي لکن کان ٽپي وئي. هن وقت انهن جي آباديءَ ۾ گهڻو واڌارو ٿي چڪو آهي. فرانسيسي عملداريءَ جي زماني کان هي شھر ملڪ جو مرڪزي هنڌ رهيو، عام طور تي مراڪش جي سلطان جي رهائش بہ هتي هوندي هئي. مراڪش جي انتظامي مرڪز چونڊجڻ کانپوءِ هن شھر کي وڏي ترقي حاصل ٿي.