ربابي ڍورو: هيءُ قبرستان ٿاڻي بولا خان، ضلعي ڄام شوري ۾ واقع آهي، جيڪو 14-13 صدي عيسويءَ جو چيو وڃي ٿو. تعلقي ٿاڻي بولا خان ۾ کيرٿر جي دامن ۾ چانڊاھہ ۽ ڦرڻينگ وٽ هڪ ڍورو آهي، جنهن ۾ بخاري شاھہ جو قبرستان موجود آهي. رانئڪ تي ’يادگار تونگ سعيد‘ لکيل هو. سعيد محمد ۽ جسوڌن جون قبرون رانئڪ ۾ مرڪزي جاءِ تي گڏوگڏ آهن. هڪ قبر تي جسوڌن تونگ ۽ ساڳيو نالو در جي ڀڳل محراب تي بہ لکيل ملي ٿو. هڪ ٻيءَ قبر تي ’يادگار شاهي تونگ‘ ۽ ان سان گڏ واريءَ قبر تي ’بدو حسن تونگ‘ لکيل آهي. ڪن قبرن تي سنڌي نالا لکيل آهن، پر پڙهڻ ۾ نہ ٿا اچن. هن قبرستان کي ’بخاري پير وارو قبرستان‘ بہ چون ٿا، پر اڪثر ربابي ڍوري جي نالي سان مشھور آهي.