
را ديوتا

را ديوتا
را (Ra) ديوتا: قديم مصر جي هڪ ڏندڪٿا موجب ’را- سورج ديوتا‘ يا سج جو ديوتا هو، جيڪو مصري لوڪن جي ڪائناتي ديوتائن جو سرواڻ هو. ’را‘ کي اڪثر ڪري تخليق جو ديوتا يا پيءُ سمجهيو ويندو هو. مصر جا ڪيترا آڳاٽا حڪمران اها دعويٰ ڪندا هئا تہ هو ’را‘ جا پونير/ پويان هئا ۽ پنھنجي نالن سان انهيءَ ديوتا جو نالو ڳنڍيندا هئا. سڀ کان اڳ ۾ جيڊيفري (Djedefre) فرعون ’سا را‘ (يا ’سا ري‘) جو لقب استعمال ڪيو هو، جنهن جو مطلب هو ’را جو پٽ‘. قديم مصري روايتن موجب ’را‘ ديوتا دنيا جي شروعات کان ڌرتيءَ تي سمورن ديوتائن ۽ انسانن جي بادشاھہ طور رهندو هو ۽ جڏهن پوڙهو ٿيو تہ فرض ادا ڪري ڪري ٿڪجي پيو، ان ڪري ڪن انسانن سندس وجود تي شڪ ڪيو، تڏهن هن پنھنجي هڪ اک کي هٿور ديوي (Hathor goddess) بڻائي اهڙن ماڻهن کي مارڻ لاءِ موڪليو ۽ پاڻ آسمان ڏانهن هليو ويو. ان کانپوءِ روايت آهي تہ ’را‘ ڌرتيءَ تي بادشاھہ مقرر ڪري موڪليندو هو. ان سلسلي ۾ پهرين تہ اهي بادشاھہ ديوتائن مان چونڊبا هئا، جن ۾ جيب (Geb) ۽ اوسيرس (Osiris) بہ شامل هئا، پر پوءِ اهو ڪردار انساني پونيرن کي ڏنو ويو، جن کي ’فرعون‘ چيو وڃي ٿو. ’را‘ کي ڪڏهن ڪڏهن ’امان‘ (Amon) بہ چوندا آهن. مصري آرٽ ۾ هن ديوتا کي ڏيکارڻ لاءِ هڪ شمسي ٿالهي (Solar disc) کي ڪنهن ديويءَ يا ديوتا جي مٿي تي ڏيکاريندا رهيا آهن. ان کانسواءِ ’را‘ کي انساني جسم تي باز جي مٿي سان بہ ڏيکاريو ويو آهي. ديوتا هورس (Horus) کي بہ ساڳي شڪل ڏنل هئي، پر ان جي مٿي تي هڪ تاج هوندو هو، جڏهن تہ ’را‘ جي مٿي تي اها شمسي ٿالهي هوندي هئي، جنهن کي ڪوبرا نانگ ويڙهيل هوندو هو. هن جي هڪ هٿ ۾ عصا (لٺ) ۽ ٻئي ۾ ننڍڙو گول مڙيل لڪڻ (ankh) هوندو هو، جنهن کي زندگيءَ ۽ تخليق جي نشاني سمجهيو ويندو هو. روايتن موجب اهو گولو زناني عضوي جي ۽ باقي حصو مرداني عضوي جي نشاني چيو وڃي ٿو، جنهن سان زندگي تخليق ٿيڻ جو خيال جڙيل هو. مصرين جي قديم آثارن مان لڌل اهڙن پائپرس ويڙهن ۾ بہ ’را‘ ديوتا ٺهيل ملي ٿو، جن کي ’مئلن جو ڪتاب‘ (Book of Dead) چون ٿا، جيڪي هن وقت يورپ جي لائبريرين ۾ رکيل آهن. آثار قديمہ جي ماهرن جو خيال آهي تہ جيئن هنن قديم مصري روايتن ۽ ڏندڪٿائن سان جڙيل، تصويرون ۽ اکر پڙهجڻ کانپوءِ مصر جي هزارين سال قديم تاريخ جا ڪي سِرا ملي سگهيا آهن، تيئن ئي سنڌو تھذيب مان ملندڙ تصويرن، علامتن ۽ اهڃاڻن جو اڀياس ڪڏهن نہ ڪڏهن هن تھذيب جي تاريخ تي ضرور روشني وجهندو.