
راڻي هار
راڻي هار: ڳچيءَ جي ڳھن ۾ مختلف قسمن جا هار ٿين ٿا، جن ۾ راڻي هار اهم ليکجي ٿو. راڻي هار جا ڪيترا قسم ۽ ڪيترا گهاڙيٽا ٿين ٿا، جن ۾ خاص ڪري موتين وارو هار، تلڪين وارو هار، پٽين وارو هار، ڪٽائي وارو هار ۽ مينا وارو هار مشھور آهن. هن هار جي مکيہ حصن ۾: زنجير، تاڪيون، پٽيون، ڪڙا، سرون، چؤنڪا، گهريون ۽ مڱ (پتلو) ٿين ٿا. راڻي هار سنڌ ۾ راڻين لاءِ مخصوص هوندو هو. هن هار جي سَرين ۾ سچن موتين جي پوچ ٿيندي آهي. هي ڳھہ سون مان جڙندو آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ پنجن تولن جو هوندو آهي. هن ۾ ٽن کان ست لڙيون هونديون آهن، جنهنڪري ان کي ست سريو راڻي هار پڻ چئبو آهي. ان کانسواءِ ان کي ٽه لڙو، پنج لڙو ۽ ست لڙو راڻي هار بہ ڪوٺين ٿا. هن وقت اهو ڳـھہ سـرنديءَ وارا شاديءَ ۾ گهوٽيتن توڙي ڪنواريتن پاران ڏين ٿا.