راڻي آتمارام گدواڻي

راڻي آتمارام گدواڻي: مشھور فنڪارہ راڻي آتمارام گدواڻيءَ جو جنم، 29 جولاءِ 1933ع تي حيدرآباد شھر ۾ ٿيو. ورهاڱي بعد خاندان سان گڏ هندستان هلي وئي. کيس ننڍپڻ کان وٺي موسيقيءَ سان چاھہ هو. هن ڀارت جي سڀني ٻولين ۾ ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. هيءُ آل انڊيا ريڊيو جي ڪيتري عرصي تائين انائونسر پڻ رهي. هن سھڻي ميهار بئلي فلم ۾ ڪجهہ گيت پڻ ڳايا. هوءَ پنھنجي آواز ذريعي سنڌ سان محبت جو اظهار ڪندي رهي آهي. سندس آواز ۾ ڪيترا گيت انڊيا جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان نشر ٿيندا رهن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.07.29  عيسوي

مشهور فنڪاره راڻي آتمارام گدواڻيءَ جو جنم، 29 جولاءِ 1933ع تي حيدرآباد شهر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بيگم طاهرہ آغا
حسن خوشنويس
جي ايم سليڊن
حميد عظيم آبادي
سلمان طاهرعلامه
جون رضي ﷲ عنه
رشيد چارڻ
پير سرهندي
درس غازي سکرالدين
پير نظام الدين سرهندي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون