راڻاسر1

راڻاسر1: هيءُ هڪ آڳاٽو تلاءُ آهي، جيڪو ننگرپارڪر شھر جي ڏکڻ طرف ڳوٺ لاڪڙکڏيي ويجهو راڻن ٺهرايو هو، جنهن ۾ اڄ بہ ٻارهوئي پاڻي هوندو آهي. ڀرپاسي جي ڳوٺن جو مال هن تلاءُ مان پاڻي پيئڻ ايندو آهي. انگريزن جي پارڪر تي ڪاھہ وقت هندستان جي شھر ڏيسا مان آيل انگريز فوج هن تلاءُ جي ڀرسان خيما کوڙيا هئا. هي تلاءُ ٿر جي مشھور تلائن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو