
راڪاس جو روڻو
راڪاس جو روڻو (ماڳ): هيءُ قديم پٿر جي زماني سان واسطو رکندڙ اوائلي انسان جي رهائشگاھہ تي مشتمل هڪ غار آهي، جيڪا روهڙيءَ وارين ٽڪرين ۾ واقع آهي. قديم آثارن جي ماهرن هن غار جو دؤر ’پٿر جو نئون زمانو‘ ڄاڻايو آهي. هيءَ غار روهڙيءَ وارين ٽڪرين جي اولاهين لاهيءَ وٽ، خيرپور کان ڏهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. هن جي اوڀر ۾ خيرپور ميرس جو شهر، ڏکڻ ۾ سلطان اڌم جو مقبرو، اولھہ ۾ سنڌو درياھہ، اتر ۾ شادي شھيد جو قبو ۽ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور آهن. غار کي ٻہ لنگهہ آهن، جن مان اوڀر وارو لنگهہ ٻارهن فوٽ وڏو ۽ اٺ فوٽ ويڪرو آهي. غار جي لنگهہ وٽان ئي وڏي تعداد ۾ ٺڪراٺو ملي ٿو. غار جي مجموعي ايراضي هڪ سؤ ميٽر آهي. هن غار جي مٿان ٽي گنبذ بہ ٺهيل هئا، جن ۾ وچ وارو گنبذ ٻنهي پاسن وارن گنبذن کان وڏو هو. انهن ٽنهي گنبذن کي مقامي ماڻهن ڊاهي ڇڏيو. هن غار کي مقامي ماڻهن ڄاڻ نہ هئڻ سبب گهڻو نقصان رسايو آهي. هتان ٺڪراٺي کان علاوہ پٿر جا اوزار بہ مليا آهن، جن ۾: پٿر جون ڪورون، پٿر جون ڇلون، پٿر جا ڦر وغيرہ شامل آهن. انهن مڙني شين جو واسطو هڙاپا اوائلي دؤر سان ملي ٿو. قديم آثارن جي ماهرن هتي ملندڙ ٺڪراٺي کي سنڌو تھذيب جو ڳاڙهي تي ڪاري ليڪي وارو ڄاتل سڃاتل ٺڪر قرار ڏنو آهي.