
هڪ ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ کي راکي ٻَڌندي
راکي ٻنڌڻ/ رکشا ٻنڌڻ: هڪ رسم، جنهن موجب ڀيڻ پنھنجي ڀاءُ کي ٻانهن ۾ ڌاڳو/ راکِي يا رکڙي ٻڌندي آهي، ان کي ’راکي ٻنڌڻ‘ چئبو آهي. هيءَ قديم زماني کان سنڌ جي بہ ثقافتي رسم رهي آهي. راکي ٻنڌڻ/ رکڙيءَ جي رسم سانوڻ مهيني جي شڪل پورڻما تي ادا ڪئي ويندي آهي. هڪ ڀيڻ پنھنجي سڀني جذبن کي ڪچي ڌاڳي جو روپ ڏئي پنھنجي ڀاءُ/ ڀائرن جي تحفظ لاءِ سندن ڪرائيءَ ۾ راکي ٻڌندي آهي. راکيءَ جي ڪچي ڌاڳي کي مهانتا ۽ اهميت حاصل آهي، اهو ڌاڳو ڀيڻ ڀاءُ جي رشتي جي تقدس ۽ ڀاءُ ڀيڻ جي پريم جي علامت هوندو آهي.
هن تهوار لاءِ مشھور روايت آهي تہ پاتال لوڪ جي راجا ٻَليءَ، وامن ڀڳوان جي چرڻن کي پڪڙي، لڪشميءَ جي ور جو سر گهُريو تہ لڪشميءَ اُتي راجا ٻليءَ کي راکي ٻڌي پنهنجو ڀاءُ بڻايو هو ۽ پنھنجي پتيءَ کي کانئس بچائي ورتو هو. ان کانپوءِ راکي ٻنڌڻ تهوار جو روپ اختيار ڪيو.
ساڳيءَ ريت نانڪي ٻائي پنھنجي ڀاءُ گرونانڪ کي راکي ٻَڌي، انهيءَ روايت کي وڌيڪ عام بڻائي ڇڏيو.
چتوڙ جي مهاراڻي ڪرموَتيءَ، دهليءَ جي مغل بادشاھہ همايون کي رکشا ٻنڌڻ تي راکي موڪلي، پنهنجو ڀاءُ بڻايو هو. همايون بادشاھہ، راکيءَ جو قدر ڪري راڻيءَ جي عزت ڪئي ۽ راڻيءَ جي حفاظت لاءِ گجرات جي بادشاهن سان لڙائي ڪئي هئي.
اڳي راکيءَ ۾ سُٽ جو ڪچو ڌاڳو ڪم ڏيندو هو، پر هاڻي رنگ برنگي، خوبصورت ۽ ڳري مُلھہ واريون راکيون ٻَڌيون وينديون آهن. هندو جاتيءَ جو هر طبقو هي تهوار خوشيءَ ۽ اُتساھہ سان ملهائيندو آهي.