راڄڙ، ولي بخش (1913ع- 1983ع): صوفي شاعر فقير ولي بخش ولد قبول محمد راڄڙ، مشھور صوفي شاعر ۽ بزرگ منٺار فقير راڄڙ جو پوٽو هو. سندس تعلق ڳوٺ کاڻي راڄڙ تعلقي کپري ضلعي سانگهڙ سان هو. ننڍي هوندي سندس والد وفات ڪئي ۽ پنھنجي ڏاڏي منٺار فقير راڄڙ جي سنڀال هيٺ رهيو. فقير ولي بخش راڄڙ بہ ڏاڏي جي صحبت ۾ رهڻ ڪري شاعر ٿيو. شاعريءَ ۾ تخلص بدران ’ولي بخش‘ لکندو هو. درگاھہ نوح سرور جي گادي نشين مخدوم غلام محمد جي هٿ تي بيعت ڪيائين. درگاھہ توڙي مسجد جو ڪم خود ڪرايائين.
هيءُ مريدن توڙي بزرگن سان نيازمنديءَ سان هلندو هو. سندس مفصل سوانح حيات ۽ شاعريءَ تي مشتمل مجموعو ’پرين تنھنجي پياس ۾‘ عنوان سان منٺار فقير اڪيڊميءَ طرفان 1999ع ۾ شايع ٿيل آهي. هيءُ نهايت سوز سان مرثيا پڙهندو هو. درگاھہ تي سماع بہ ڪـرائيـندو هـو. فقيـر ولي بخـش 5 نومبـر 1983ع تي ڇنڇر رات مـطابـق 29 محرم الحرام 1404ھہ تي وفات ڪئي. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
ساقيا مئي جام پياريو، وٽي وحدت جي ڀري ڀري...
مڌ محبت جو پيالو پياريو ، نظر نينھن جي ڌري ڌري...
هٺ تڪبر هئڻ هستي، ساڻ پيڻ ٿيڻ پري پري...
حق هيڪڙائي هر دم حاصل، ٻن ٻياڻي ٻري ٻري...
دور دنيا جي ڪن ۾ قابو. آيو آهيان منجهہ اري اري...
سُرڪ سڪر جي ڏي سوائي، سرڪ ري نٿي سري سري...
’ولي بخش‘ کي پر پيار ۾، قرب قريشي ڪري ڪري...
1983.11.05 عيسوي
فقيـر ولي بخـش 5 نومبـر 1983ع تي ڇنڇر رات مـطابـق 29 محرم الحرام 1404هه تي وفات ڪئي.