راڄي ديري جا دڙا: هي دڙا، ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ راڄي ديري جي ڏکڻ ۾ آهن، جيڪي قديم دؤر جا اهڃاڻ آهن. ثقافتي خيال کان وڏو دڙو سڄو قبرستان هيٺ اچي چڪو آهي، جتي گهڻو اڳ قديم دؤر جي ٺڪر جي ٿانون ۽ سرن جا ٽڪرا گهڻي تعداد ۾ پکڙيل نظر ايندا هئا. موجودہ وقت تائين ڪجهہ ٺڪراٺو پکڙيل آهي، جيڪو ڪوٽڏيجيءَ جي ٺڪراٺي سان هڪجهڙائي رکي ٿو. ان دڙي جي ڀرسان هڪ ٻيو، ننڍو دڙو پڻ آهي، جنهن مان ملندڙ ٺڪر ۽ ٻيا نوادرات هڙپا دؤر جي وٿن سان هڪجهڙائي رکن ٿا. هي ماڳ سار سنڀال نہ لھڻ سبب پنھنجي سڃاڻپ ختم ڪري رهيا آهن.