
راڄـپاري سـيدن واري مـسجـد
راڄـپاري سـيدن واري مـسجـد: هيءَ مسجد نصرپور شھر جي اتر- اولھہ طرف، ڪاشيگرن جي محلي ۾ راڄپاري سيدن جي درگاھہ جي ڀرسان آهي، جيڪا پير فتح محمد جيلاني انگريزن جي دور ۾ 1911ع ۾ جوڙائي هئي. مسجد جي ٻاهرين دروازي تي ڪاشيءَ جي سر تي مسجد جي تعمير ٿيڻ جي سال وارو ڪتبو تحرير ٿيل آهي. هيءَ مسجد پنھنجي دور جي تعمير فن جو بھترين نمونو آهي.