راڄ

راڄ: راڄ لفظ جي لغوي معنيٰ، رعيت، بادشاهي يا صاحبي آهي، ان ڪري ڳوٺ اوڙي پاڙي ۽ ان جي آسپاس ۾ آباد گهرن کي راڄ چيو ويندو آهي. ڪنهن بہ وڏڙي، وڏيري يا چڱي مڙس تي راڄ ڀاڳ يا ڳوٺ راڄ جي ماڻهن جي سار سنڀال ضروري هوندي آهي. هڪ گهر کان وڌيڪ آباديءَ واري وستيءَ کي ڳوٺ چئجي ٿو، پر راڄ وري گهڻن ڳوٺن جي جمع طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. جيئن ڪنهن راڄدار يا سردار لاءِ چيو ويندو آهي تہ هي راڄ ڌڻي آهي. اڳئين زماني ۾ پيرن، فقيرن، سردارن کان وٺي مڱڻهارن جا راڄ ورهايل هوندا هئا. سڀڪو پنھنجي راڄ جي وهانءَ واڌائي ۽ مرڻي پرڻي ۾ هر ڳالھہ جي نمائندگي ڪندو هو، جيڪو سرشتو اڄ تائين سنڌ جي ٻهراڙين ۾ هلندو اچي.
راڄ، قبيلن، ذاتين ۽ علائقن ۾ رهندڙ اهڙن عوامي گروهن تي مشتمل هوندا آهن، جن ۾ اٿڻي ويهڻي، اوکي سوکيءَ لاءِ ڪم اچڻ لاءِ ٻڌل هوندو آهي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ هڪ ذات يا هڪ نسل وارن کي بہ راڄ سڏيو ويندو آهي، جن جا ننڍا وڏا فيصلا ڪندڙ کي چڱو مڙس سڏيندا آهن. هيءُ عهدو موروثي هوندو آهي. هندن جي پئنچائت ۾ چڱي مڙس کي مُکي سڏبو آهي. سنڌ ۾ راڄ ڀاڳ هئڻ وارو معنيٰ عزت وارو هوندو آهي. جيڪڏهن مٽي مائٽي بہ ڪندا تہ ڇوڪري جو خاندان جاچيو ويندو ۽ ڏٺو ويندو تہ سندن راڄ ڀاڳ آهي يا نہ! سنڌ ۾ ڪيترائي راڄ آهن ۽ هڪ طئہ شده سرشتي هيٺ ان جا چڱا مڙس چونڊبا آهن.


لفظ راڄھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو