راولپنڊي

راولپنڊي

راولپنڊي

راولپنڊي: راولپنڊي، پاڪستان جو هڪ اهم شھر آهي. هتي پاڪ فوج جو جنرل هيڊڪوارٽر (G.H.Q) آهي. شاهراھہ پاڪستان جي ٽي روڊ تي لاهور کان 80 ميل اتر اولھہ ۾ ۽ پشاور کان 108 ميل اوڀر ڏکڻ طرف واقع آهي، جيڪو علائقو پوٺوهار سان ويجهائپ رکي ٿو. ڪراچيءَ کان 937 ميلن جي فاصلي تي آهي. هتي ڪنهن زماني ۾ جوڳين جي قبيلي راول جو وسايل هڪ ڳوٺ هو، ڇانوڻيءَ جي ويجهو پراڻي شھر جا کنڊر موجود آهن. آثارِ قديمہ جي محڪمي جو چوڻ آهي تہ هي شھر تاتارين جي حملي ۾ اجڙي ويو هو. جهنڊي خان نالي گهکر سردار هن شھر کي ٻيهر آباد ڪيو ۽ هن جو نالو پنڊي يا راولپنڊي رکيو. ’پنڊ-پنڊي‘ پنجابيءَ ۾ ڳوٺ کي چوندا آهن. 1765ع ۾ هن تي سک سردار ملڪاسنگهہ قابض ٿيو. هن جھلم ۽ شاهپور جي ڪاروباري ماڻهن کي هتي آڻي آباد ڪيو. اوڻيهين صديءَ جي شروعات ۾ افغانستان جي جلاوطن امير شاھہ شجاع ۽ ان جي ڀاءُ شاھہ زمان راولپنڊيءَ ۾ اچي پناھہ ورتي. 14 مارچ 1849ع تي ڇترسنگهہ ۽ شير سنگهہ جي سک فوجن راولپنڊيءَ ۾ انگريزن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا. برطانوي عھد حڪومت ۾ هتي فوجي مرڪز قائم ڪرڻ کان سواءِ هن کي ضلعي ۽ ڊويزن جو صدر مقام بڻايو ويو. 1947ع ۾ قيام پاڪستان کان پوءِ پاڪستاني فوج جو صدر مقام منتخب ٿيو. قيام پاڪستان کانپوءِ شھر جي اتر ۾ مري روڊ تي هڪ اضافي شھر اسلام آباد تعمير ٿيو، جيڪو هن وقت پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ آهي.


لفظ راولپنڊيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو