راوا: رائو رَڇ (رائو جمع راوا) وڏي ۾ وڏو رڇ آهي، جيڪو ملاح سمنڊ ۾ وجهندا آهن. اڳ رڇ رڱيندا هئا تہ جيئن اڇو واڻيل سٽ وڌيڪ مضبوط ٿئي ۽ ڏسڻ ۾ پڻ سولائي ٿئي. رڱڻ لاءِ ڳاڙهيڙو رنگ ‘ڪرڙي’ جي وڻ جي ڏانڊيءَ مان ڪڍندا هئا. ‘ڪرڙي’ جو وڻ هن وقت بہ کاري وارن واهڙن جي ٻيٽن ۾ موجود آهي. خاص طور مياڻيءَ جي ٻيلي ۾ گهڻو آهي.