راهين ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي ٽنڊي محمد خان جي تعلقي شاھہ ڪريم بلڙيءَ ۾، ٽکڙ جي ويجهو ديھہ ڪس، يوسي ملاڪاتيار ۾ 250 ايڪڙن تي مشتمل آهي ۽ هيءَ علائقي جي مشھور ڍنڍ آهي. هن ڍنڍ جي پاڻيءَ جو ذريعو پنياري شاخ ۽ ڇنڊڻيون آهن. هيءَ ڍنڍ، درياھہ جي ڇڏيل گنجي ٽڪر ۽ پنياري ڪئنال واري پراڻي وهڪري سبب وجود ۾ آئي. هن ڍنڍ ۾ سڄو سال صاف ۽ شفاف پاڻي هئڻ ڪري مڇي جهجهي تعداد ۾ ملي ٿي، جنهن ۾ گلفام، گراس، موراکو (موراکي)، سلور، ٿيلهي ۽ ڪرڙو مشھور آهن. ان کان علاوہ هن ڍنڍ تي پکين جو شڪار بہ ٿيندو آهي. هن ڍنڍ تي تفريح لاءِ ٻيڙيون پڻ موجود هونديون آهن. هي ڍنڍ، پراڻي گوني (تعلقي) جي وڏين ڍنڍن ۾ شمار ٿئي ٿي.