
راهو، حاجي الهداد خان
راهو، حاجي الھداد خان: سماجي خدمتگار ۽ ناميارو زميندار حاجي الھداد خان ولد شھمير خان راهو، پهرين جنوري 1901ع تي ڳوٺ شھمير راهو، تعلقي هالا ۾ جنم ورتو. پرائمري ۽ ديني تعليم پنھنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪيائين. هي ننڍو ئي هو تہ سندس والد وفات ڪري ويو، جنهنڪري کيس ننڍيءَ عمر ۾ سرداريءَ جي پڳ ٻڌائي وئي. حاجي الھداد ماڻهن جا وڏا ۽ تڪراري مسئلا انصاف سان حل ڪندو هو. سماجي خدمتن جي ڪري چئني صوبن ۾ مشھور ٿيو. 1982ع ڌاري حاجي الھداد ڀٽن ۽ کوسن جي وچ ۾ 50- 60 سالن تائين هلندڙ جهڳڙي جو فيصلو وڏي عقلمنديءَ سان ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ کوسا ۽ ڀٽا پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويا.
حاجي الھداد خان کي سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي ڪري گورنمينٽ پاران آفرين ناما ۽ ٻيا ڪيترا اعزاز بہ مليا. 1927ع کان 1956ع تائين کيس حڪومت سنڌ طرفان 22 کن سندون ۽ آفرين ناما مليا. پاڪستان حڪومت پاران 1964ع ڌاري کيس ’ستارہ خدمت‘ جو اعزاز پڻ مليو. حاجي الھداد پنھنجي ڳوٺ شھمير راهوءَ ۾ 1930ع ڌاري هڪ ديني مدرسو قائم ڪيو، جنهن مان هزارين شاگرد پڙهي عالم، فاضل ۽ حافظ ٿي نڪتا. اهو مدرسو اڄ بہ قائم آهي. هن 14 مارچ 1983ع تي وفات ڪئي.
1901.01.01 عيسوي
سماجي خدمتگار ۽ ناميارو زميندار حاجي الهداد خان ولد شهمير خان راهو، پهرين جنوري 1901ع تي ڳوٺ شهمير راهو، تعلقي هالا ۾ جنم ورتو.
1983.03.14 عيسوي
هن 14 مارچ 1983ع تي وفات ڪئي.