راهب فقير جو دڙو

راهب فقير جو دڙو: ڀٽ شاھہ ۾ شاھہ لطيف جي درگاھہ کان هزار کن فوٽ اوڀر ۾ هڪ دڙو هوندو هو، جنهن جو نالو راهب فقير جو دڙو چيو ويندو هو. راهب ابڙو ڪوري هو، جيڪو روايت موجب شاھہ صاحب جو فقير ٿيو، هي اهو فقير هو، جنهن شاھہ صاحب جي شاديءَ وقت انهيءَ اٺ جي واڳ جهلي هئي، جنهن جي ڪجاوي ۾ شاھہ صاحب جي ڪنوار ويٺل هئي. شاھہ صاحب جڏهن ڀٽ وسائي تہ هي بہ ساڻس گڏ آيو هو ۽ جنهن جاءِ تي اچي رهيو، ان کي راهب فقير جو دڙو چيو ويو. بعد ۾ ان دڙي تي شاھہ صاحب جي ڀيڻ جو ڪٽنب رهيو، جن جا ڪي پويان اڃا تائين اتي رهن ٿا ۽ سندن ويهارو کن گهر اتي آهن.


لفظ راهب فقير جو دڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو