
راند روند ۾ تعليم

راند روند ۾ تعليم
راند روند ۾ تعليم: ڪنڊرگارٽن (Kindergarten) جي طريقي واري تعليم يا مانٽيسوري طريقي جو مدار هن ڳالھہ تي آهي تہ راند جي ذريعي جيڪا تعليم ٻارن کي ڏني وڃي ٿي، اها وڌيڪ اثرائتي ٿئي ٿي. فروبيل هڪ جرمن شخص هو، جيڪو 1783ع ڌاري پيدا ٿيو. فروبيل جي نظرئي موجب راند ٻارن لاءِ قدرتي مشغلو آهي ۽ فطري صلاحيتن جي اوسر جو بھترين ذريعو آهي. ٻارن جي مشغلي لاءِ سوچ ويچار سان اهڙيون رانديون تيار ڪرڻ گهرجن، جن سان ٻارن جي صلاحيتن جي منظم ۽ صحتمند انداز ۾ واڌويجهہ ٿئي. اهڙيءَ طرح ٻار ذاتي سرگرمين وسيلي پنھنجي فطري صلاحيتن جي واڌ ويجهہ ڪن ۽ ٻين سان گڏجي ڪم ڪرڻ سان هو اجتماعي زندگي ۾ شريڪ ٿين. فروبيل جي خيال ۾ ٻار جي ذات جي مڪمل واڌ ويجهہ لاءِ انفرادي پهلوءَ سان گڏوگڏ سماجي پهلو بہ تمام ضروري آهي. هن اهو نظريو ان ڪري پيش ڪيو، جو هو پنھنجي ماٽيجي ماءُ جي اڍنگي رَويي سبب گهر مان نڪري ويندو هو ۽ جهنگ ۾ ڀٽڪندو وتندو هو. ان ڪري سندس ابتدائي تعليم جو ڪو بہ بندوبست نہ ٿي سگهيو، پر پوءِ پنھنجي محنت سان تدريسي طريقن ۾ مهارت حاصل ڪري ورتائين ۽ ننڍن ٻارن لاءِ ’ڪنڊرگارٽن‘ نالي سان اسڪول کوليائين، جنهن جي معنيٰ ٻارن جو باغيچو هئي. هن وٽ تعليم جو مقصد فرد کي پرخلوص، بي عيب ۽ پاڪ صاف زندگي گهارڻ جي لائق بنائڻ هو. فروبيل جي نظرئي موجب راند ٻارن لاءِ قدرتي مشغلو آهي ۽ فطري صلاحيتن جي اوسر جو بھترين ذريعو آهي. فروبيل چواڻي انساني ذهن مسلسل وڌي ويجهي ٿو. ان واڌ ويجهہ دوران ٻار جون فطري صلاحيتون، جيڪي ٻار جي شخصيت ۾ لڪل هونديون آهن، سي اجاگر ٿين ٿيون. ان ڪري ضروري آهي تہ ٻار جي راند جي عمل جي سنڀال ڪئي وڃي تہ جيئن لڳاتار اوسر ۾ ڪا خامي رهجي نہ وڃي، ڇو تہ اها ٻار جي سموري ڄمار تي اثر انداز رهندي. ٻارن لاءِ اهڙيون رانديون تيار ڪرڻ گهرجن، جن سان ٻارن جي صلاحيتن جي منظم ۽ صحتمند انداز ۾ واڌ ويجهہ ٿئي. اهڙيءَ طرح ٻار جي ذاتي سرگرمين وسيلي پنھنجي فطري صلاحيتن جي واڌ ويجهه ٿئي ۽ ٻين سان گڏجي ڪم ڪرڻ سان هو اجتماعي زندگيءَ ۾ شريڪ ٿين. استاد جو ڪم ٻار لاءِ اهڙو سازگار ماحول ۽ سامان مهيا ڪرڻ آهي، جنهن ۾ ٻار پاڻمرادو پنھنجي فطري صلاحيتن جي واڌ ويجهہ ڪري سگهي. ان واڌويجهہ لاءِ ڳري تدريس بدران راند روند کان ڪم ورتو وڃي.
ڪنڊرگارٽن (K.G.) طريقي ۾ اسڪول هڪ اهڙي ماحول جو نالو آهي، جنهن ۾ راند روند جو هلڪو سلڪو وايو منڊل پيدا ڪيو وڃي ٿو. ان ۾ ڪتابن کان بہ ڪم ورتو وڃي ٿو. مثلاً: گيت، جسماني چرپر ۽ تعميري ڪم وغيرہ. اهڙيءَ طرح ٻار کي آکاڻي ٻڌائي وڃي ٿي. آکاڻيءَ جا واقعا ٻار گيت جي شڪل ۾ ورجائين ٿا. پوءِ ٻار جسماني چرپر وسيلي ان آکاڻي کي تمثيل جي روپ ۾ پيش ڪن ٿا. ٻارن لاءِ پنجاھہ گيت تيار ڪرايا وڃن ٿا. هر گيت ڪنهن راند جو تفصيلي بيان ڪري ٿو. مثلاً: اک ٻوٽ جو گيت، ڪنهن عملي سرگرميءَ کي بيان ڪري ٿو. ڪاٺ جي ٽڪرن مان گهر ٺاهڻ ٻار جي تعميري صلاحيتن کي وڌائي ٿو. هر گيت ۾ ٻارن لاءِ اخلاقي سبق موجود هوندو آهي، جيئن جسماني تعليم سان گڏوگڏ ٻار جي ذهني ۽ اخلاقي تربيت بہ ٿيندي رهي. انهن گيتن کانسواءِ ٻارن جي حواسن جي تربيت لاءِ فروبيل تعليمي رانديڪا تيار ڪيا. اهڙن تعليمي رانديڪن جو تعداد ويھہ آهي. هڪڙو رانديڪو ڪاٺ جي هڪ گولي، هڪ مڪعب ۽ هڪ ويلڻ تي مشتمل هوندو آهي. انهن وسيلي ٻارن کي گولي جي خاصيتن، ان جي ضد، مڪعب جي خاصيتن ۽ ٻنهي جي گڏيل خاصيتن رکندڙ ويلڻ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي. اهڙيءَ طرح هڪ رانديڪو رنگدار بالن تي مشتمل آهي، جنهن سان راند ڪندي رنگن جي سڃاڻپ ٿئي ٿي. ڪجهہ رانديڪن ۾ ننڍن ننڍن مڪعبن جي مدد سان ٻار انگي شڪليون ٺاهين ٿا. فروبيل جون ڪجهہ سوکڙيون عملي سرگرمين بابت آهن. مثلاً: ڪشيدہ ڪاري، ڪاغذ ۽ پاٺي جي ٽڪرن مان شيون تيار ڪرڻ، ماڊل تيار ڪرڻ وغيرہ. استاد جو ڪم اهو آهي تہ هو ٻارن جي هٿن ۾ سوکڙيون ڏئي، گيتن وسيلي هر سوکڙيءَ جي تشريح ڪري ۽ ٻارن لاءِ محبت ڀريو ماحول پيدا ڪري تہ جيئن ٻار انهن سوکڙين سان پاڻمرادو کيڏڻ لڳي ۽ سندس ڏاڪي وار جسماني ۽ ذهني تربيت ٿيندي وڃي.
مانٽيسوري طريقو: ٻار کي راند ان وقت سيکارڻ گهرجي، جڏهن هو سکڻ لاءِ تيار هجي. مانٽيسوري طريقو ٻار جي واڌ ويجهہ ۾ ايندڙ رنڊڪن کي اهڙيءَ طرح دور ڪري ٿو، جو ان جي فطري صلاحيتن جي پاڻ واڌويجهہ ٿيندي وڃي ٿي. مانٽيسوري طريقي ۾ اسڪول ٻارن لاءِ هڪ اهڙي گهر مثل ٿئي ٿو، جتي ٻار پنھنجي دلچسپيءَ جي سامان سان راند ڪن ٿا. ان راند ۾ ڪو بہ ٻاهريون شخص مداخلت نٿو ڪري، پر ٻار پاڻمرادو کيڏندا رهندا آهن. ٻارن جو اهو گهر هڪ وڏي ڪمري ۽ ڪيترن ئي ننڍن ڪمرن تي مشتمل هوندو آهي. وڏي ڪمري ۾ ڪٻٽ هوندا آهن، جن ۾ تعليمي سامان يعني رانديڪا پيل هوندا آهن. ٻارن جي جڏهن دل چوندي آهي تڏهن اهي انهن رانديڪن کي ڪٻٽن مان ڪڍي راند ۾ مشغول ٿي ويندا آهن. جيڪڏهن سندن مرضي ٿئي تہ ٻار ڪنهن وڻ جي ڇانو ۾ ويهي راند ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آهن. اهڙو اسڪول تعليمي ڪمري، تفريحي ڪمري، کاڌي جي ڪمري ۽ غسل خاني طور استعمال ٿئي ٿو. هتي ٻار پاڻ ٿانون ڌوئڻ، ماني لڳائڻ، غسل ڪرڻ ۽ سامان کي ڍنگ سان رکڻ جو ڪم ڪن ٿا. ان ڪم ۾ استاد ٻارن جي رهنمائي ڪري ٿو. هو ٻارن کي صحيح طريقي سان اٿڻ ويهڻ، شيون کڻڻ، رکڻ، هنجڻ ۽ صفائيءَ جو ڍنگ سيکاري ٿو. اهڙيءَ طرح ٻارن جي عضون ۾ توازن ۽ پختگي پيدا ٿئي ٿي. هن طريقي ۾ ڏسڻ جي سگهہ جي تربيت لاءِ مختلف سائيزن جا مڪعب، ڪاٺيون ۽ ويلڻ استعمال ڪيا وڃن ٿا، جن مان ٻار شين جي ضخامت جو شعور حاصل ڪن ٿا. رنگن جي سڃاڻپ لاءِ بال يا ڍيرا استعمال ڪيا وڃن ٿا. ڌار ڌار نمونن جي شڪيلن ۾ فرق سمجهڻ لاءِ انگي شڪليون استعمال ڪيون وڃن ٿيون. ان کان ڇھڻ جي سگهہ، چکڻ جي سگهہ، ٻڌڻ جي سگهہ، سُنگهڻ جي سگهہ جي تربيت ڪرائي ويندي آهي. ان کانسواءِ مانٽيسوريءَ جي سامان ۾ ڳڻپ سيکارڻ لاءِ بال، فريم ۽ ڊگهي ڏاڪڻ، لکڻ، سيکارڻ لاءِ ڪاغذ جي حرفن کي جوڙڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ٺهيل مختلف لفظ شامل آهن.