
راند
راند: راند روند ٻارن جي زندگيءَ جو هڪ اهم جُز آهي، جنهن ذريعي سندن جسماني ۽ ذهني صحتمند نشونما ٿئي ٿي. راند بابت مختلف رايا آهن. وائگوٽسڪي، خيالي راند کي ٻارن جي مجموعي نشوونما جي ڪنجي سمجهي ٿو. راند ٻارن جي هڪٻئي سان رشتن ۾ ويجهڙائپ ۽ نشونما پيدا ڪري ٿي. راند ۾ ٻار پنھنجي سراسري عمر کان وڌيڪ ۽ روزاني هلت چلت کان مختلف ڪردار ادا ڪري ٿو. راند ۾ ائين لڳندو آهي، ڄڻ هو پاڻ کان ٻہ هٿ وڏو ٿي وڃي ٿو. ائين راند جي مختلف رخن تي نظر وجهبي تہ اهي سراسر ٻار جي ذهني اوسر جا سڀ کان ڪارائتا قدم هوندا آهن. سنڌ ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون رانديون آهن، جيڪي صديون پراڻيون آهن، جن مان ڪي خاص ٻارن جون تہ ڪي وڏن جون رانديون آهن، جن ۾ مشھور ۽ روايتي رانديون آهن: چنهر چُسي، ونجهوٽي، ڪوڏي ڪوڏي، ملھہ، ٻيلهاڙو وغيرہ.
سنڌو ماٿر جي ڪن ماڳن جي کوٽاين مان موجودہ ڇڪي جي شڪل جا ڇڪا مليا آهن، جيڪي ان سان ٿيندڙ راندين جي قدامت جا اهڃاڻ آهن.