رام ٻاراهي جو مقبرو

رام ٻاراهي جو مقبرو

رام ٻاراهي جو مقبرو

رام ٻاراهي جو مقبرو: هيءُ مقبرو ڪلهوڙن جي دور ۾ تعمير ٿيو، جنهن ۾ ابراهيم شاھہ (رام ٻاراهي) نالي بزرگ دفن آهي. مقبرو تعلقي ۽ ضلعي بدين ۾ مالهين جي دڙي جي ڀر ۾ واقع آهي. هتي دفن ٿيل بزرگ لاءِ مشھور آهي تہ ان جو اصل نالو ابراهيم شاھہ هو، پر رام ٻاراهي نالي هڪ هندو مريد سندس گهڻي خدمت ڪئي، جنهنڪري پاڻ کي ان جي نالي پويان سڏرايائين. مقبرو پڪين سرن سان چونئري جي نموني ۾ اهڙو ٺهيل آهي، جو لڳندو تہ ڪا ڏيوري ٺهيل آهي. سرن جي ماپ ۽ ڪتب آندل مصالحي مان لڳي ٿو تہ هي روضو ڪلهوڙن جي دور ۾ تعمير ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو