رام رسيلا

رام رسيلا: مشھور سنڌي اداڪار، هدايتڪار، گائڪ ۽ ليکڪ رام رسيلا جو جنم، 12 ڊسمبر 1922ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. مئٽرڪ تائين تعليم پرايائين، ورهاڱي بعد خاندان سان گڏ هندستان هليو ويو. هن ڪيترن هندي، سنڌي ۽ گجراتي ناٽڪن ۾ هدايتڪاري ڪري پاڻ مڃرايو ۽ ڪن ناٽڪن ۾ پاڻ بہ اداڪاري ڪئي. رام رسيلا هدايتڪار ۽ اداڪار سان گڏ سٺو فنڪار بہ هو. هن ڪيترن ناٽڪن جا گيت پڻ ڳايا. هن سنڌي فلم سسئي پنھون هندي فلم نر پاٽا ۾ گيتن جي موسيقي ڏني. رام رسيلا جي ڇپيل ڪتابن ۾ ’عبرت‘ ۽ ’لڪايان داغ‘ قابل ذڪر آهن. اکل ڀارت سنڌي ساهتيہ سميلن پاران 1978ع ۾ ’پکيئڙا پڃري جا پراڻي‘ ناٽڪ ۾ هدايتڪاريءَ جو اوارڊ حاصل ڪري چڪو آهي.


لفظ رام رسيلاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1922.12.12  عيسوي

مشهور سنڌي اداڪار، هدايتڪار، گائڪ ۽ ليکڪ رام رسيلا جو جنم، 12 ڊسمبر 1922ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صبيحه خانم
تيجومل
ٻڌ
فتح علي جتوئي
تارڙ مستنصرحسين
غلام حيدر صديقي 2
ڪلجي سوڍو
غلام سڪينه شيخ
ٽيڊئيس رڪشٽائن
بدر سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون