رامچند اوڏ

رامچند اوڏ

رامچند اوڏ

رامچند اوڏ: رامچند جو جنم 5 اپريل 1968ع تي اوڌي مل اوڏ جي گهر ۾ ٽنڊي ڄام لڳ ڳوٺ رحيم ڏني مير پوٽي، تعلقي حيدرآباد ٻھراڙيءَ ۾ ٿيو. هن پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول (زرعي يونيورسٽي ڪالوني) ٽنڊي ڄام، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊي ڄام، انٽر مسلم ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪري خانگي طور بي. اي ڪئي. عملي زندگيءَ جي شروعات 1989ع ۾ پرائمري استاد طور ڪئي. رامچند اوڏ شاعر هئڻ سان گڏ نثر نويس بہ هو. شاعريءَ جي شروعات 1980ع ڌاري ڪيائين. هن شاعريءَ ۾ غزل، گيت وائي ۽ ٻين صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي. سندس شاعري ۽ مضمون مختلف سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا. هن 18 فيبروري 2026ع تي اسڪول ۾ پڙهائيندي دل جي دوري سبب وفات ڪئي.


لفظ رامچند اوڏھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.04.05  عيسوي

رامچند اوڏ، اوڌي مل اوڏ جي گهر ۾جنم ورتو


2026.02.18  عيسوي

رامچند اوڏ، اسڪول ۾ پڙهائيندي دل جي دوري سبب وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ستار حسين خان
سيد ميرڪ يوسف سبزواري
سيٺ رگهوناٿ پنڊت بانسري نواز
ڇٽو ٻلال
قمر راڄپر
رضي الدين صديقي ڊاڪٽر
بروهي عبدالحليم
سيد ﷲ ڏنو شاھہ
سلطان مقيم بيگلار جي نياڻي
چاڪر خان سھرياڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون