رامچندر ڀڳوانداس رهيجا: مشھور اداڪار ۽ گائڪ رامچندر ڀڳوانداس، 8 ڊسمبر 1930ع تي شڪارپور سنڌ ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪري سگهيو. ورهاڱي بعد خاندان سان گڏ هندستان هليو ويو، جتي سندس لاڙو موسيقيءَ ۽ اداڪاريءَ طرف ٿيو. هن ڪيترن ئي ناٽڪن ۾ اداڪار طور بہ حصو ورتو. سندس اداڪاريءَ کي ڏسندڙن بيحد ساراهيو. سندس مشھور سنڌي ناٽڪن ۾: سورٺ راءِ ڏياچ، سھڻي ميهار، نيدل باز، نٿو چريو وغيرہ شامل آهن. سندس ڪيترا گيت آل انڊيا ريڊيو تان نشر ٿيندا رهن ٿا.
1930.12.08 عيسوي
مشهور اداڪار ۽ گائڪ رامچندر ڀڳوانداس، 8 ڊسمبر 1930ع تي شڪارپور سنڌ ۾ جنم ورتو.