راماڻي شيلا

راماڻي شيلا

راماڻي شيلا

راماڻي، شيلا: هندستان جي پهرين سنڌي فلم ’اباڻا‘ (1958ع) جي هيروئن شيلا راماڻيءَ، جنهن جو تعلق سنڌ مان لڏي ويل هندو سنڌي ڪٽنب سان هو،2 مارچ 1932ع ڌاري نوابشاھہ ۾ ڄائي. سندس خاندان جي باري ۾ گهڻي معلومات نٿي ملي. فلم ’اباڻا‘ ۾ ساڌنا سندس ننڍي ڀيڻ جو ڪردار ادا ڪيو هو، جنهن کانئس آٽوگراف گهريو تہ ان وقت شيلا راماڻيءَ کيس چيو هو تہ هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جو تون وڏي اسٽار ٿيندينءَ ۽ آءٌ تو کان آٽوگراف وٺنديس. شيلا راماڻيءَ جي اها ڳالھہ پوءِ سچي ثابت ٿي. شيلا راماڻيءَ پاڻ بہ هندي سينيما ۾ چڱو نالو ڪڍيو. سندس مشھور فلمون هيون: ’ڀاڀي‘، ’تين بتي چار راسته‘ (1953ع)، ٽيڪسي ڊرائيور‘ (1954ع)، ’نوڪري‘ (1954ع)، ’منگو‘ (1954ع)، ’شاهـزده‘ (1955ع)، ’ريلوي پليٽفارم‘ (1955ع)، ’فنٽوش‘ (1956ع)، ’انجلي‘ (1957ع)، ’ممتاز محل‘ (1957ع)، ’جنگل ڪنگ‘ (1959ع)، ’مان بيٽا‘ (1962ع) وغيرہ شامل آهن. 1963ع کان پوءِ فلمن کي خيرباد چئي آمريڪا وڃي رهي، هن 15 جولاءِ 2015ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.03.02  عيسوي

هندستان جي پهرين سنڌي فلم ’اباڻا‘ (1958ع) جي هيروئن شيلا راماڻيءَ، جنهن جو تعلق سنڌ مان لڏي ويل هندو سنڌي ڪٽنب سان هو،2 مارچ 1932ع ڌاري نوابشاهه ۾ ڄائي.


2015.07.15  عيسوي

هن 15 جولاءِ 2015ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد بدرالدين
ميرڻ فقير سولنگي
سلطان سامٽيو
پرمانند ڏيپچند هندوجا
خانبهادر ولي محمد آفندي
ڀاڳت فقير
رضوي مير سيد مرتضيٰ
اسماعيل تارا
تيجورام شرما
سيد حاجي شاھہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون