رامائڻ 3

رامائڻ 3

رامائڻ 3

رامائڻ 3 (سنڌي ترجمو): هي سنڌي ٻوليءَ جي برک ليکڪ ٽھلرام ’آزاد‘ جو ڪيل ’رامائڻ‘ جو سنڌي نثر ۾ ترجمو آهي. ان کان اڳ هري دلگير ۽ ريٽا شهاڻي، رامائڻ جا نظم ۾ ترجما ڪيا آهن ۽ هڪ نثري ترجمو ’شري رامائڻ‘ جي عنوان سان گنگارام سمراٽ بہ ڪيو آهي. ٽھلرام آزاد جو هي نثري ترجمو ادبي سطح جو هڪ عمدو ترجمو آهي ۽ گنگارام سمراٽ چواڻيءَ ”ٻين اڪثر ترجمن جو ڍانچو پراڻن جي خيالي ۽ ڪرامتي ڳالهين تي جوڙيل آهي، جيڪو فقط پراڻي پيڙهيءَ جي هٿن تائين ئي محدود آهي، پر ٽھلرام آزاد ساهتڪ سطح تي رامائڻ کي هڪ خاص ڍنگ سان پيش ڪرڻ ۾ سڦلتا پاتي آهي..... جنهن انداز ۾ سرلتا سان هن ڪٿا کي پيش ڪيو ويو آهي، سو پڙهيل طبقي کي متاثر ڪندو.... ڪتاب (ترجمي) جي لکڻي اهڙي روچڪ (دلچسپ) آهي، جو هٿ ۾ کڻڻ سان ئي ناول جيان پڙهي پورو ڪرڻو ئي پوندو. ڪٿي بہ ڪا اجائي ڊيگهه ڪانهي، سلسلو سندر رکيل آهي، سڀ کان وڌيڪ ڀڳوتي سيتا جي پتورت (خاوند سان سچي) جي مهانتا جو سندر چتر، سو بہ راوڻ جي واتان چوايل آهي، تنهن کي مان بينظير چئي سگهان ٿو.“ ڊبل ڪرائون سائيز جي 154 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب ’سنڌ راج پبليڪيشن ممبئي، نومبر 1988ع ۾ ڇپايو آهي، جنهن جي قيمت 40 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو