راضي فقير رند

راضي فقير رند: راضي فقير رند لاڙ جو لوڪ شاعر ٿي گذريو آهي. سندس مولود، ڪافيون، وايون ۽ بيت سڄيءَ سنڌ ۾ ڳايا ۽ پسند ڪيا وڃن ٿا. سندس ڪلام کي ڳوٺاڻين ڪچهرين ۽ سگهڙن جي محفلن ۾ عام مقبوليت حاصل آهي. راضي فقير رند 1705ع ڌاري تعلقي ٽنڊي باگي جي ڳوٺ جمعي رند ۾ڄائو. سندس خاندان ۾ ڪيترا عالم ۽ صاحب ايمان بزرگ ٿي گذريا آهن.
راضي فقير هڪ سچو صوفي ۽ فقير صفت انسان هو. تعصب، ٻيائي ۽ نفرت کان هميشہ پري رهيو ۽ پنھنجي طالبن کي بہ سدائين اها هدايت ڪيائين.
راضي فقير رند جو ڪلام سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي عام گهاڙيٽن: بيتن، واين، ڪافين ۽ مولودن تي ٻڌل آهي. لاڙ جي هڪ استاد ماستر محمد قاسم سمي راضي فقير رند جي رسالي جا ٻہ حصا 1972ع ۽ 1982ع ۾ ’راضي فقير رند جو رسالو‘ عنوان سان ڇپائي پڌرا ڪيا. راضي فقير رند 30 نومبر 1982ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ بزرگ راڄسين جي مقام ۾ آهي.


لفظ راضي فقير رندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1982.11.30  عيسوي

راضي فقير رند 30 نومبر 1982ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه بزرگ راڄسين جي مقام ۾ آهي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد صالح سومرو
چانڊيو عبدالله ’اثر‘
ليلارام سيتائي شاعر
سڄڻ قبولائي
خير شاھہ 1
ڀڳت مدن
فقير خير محمد صوفي
زيب مگسي
باغ علي خان خائف
حمل فقير 1
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون