راضي فقير جو مقبرو

راضي فقير جو مقبرو

راضي فقير جو مقبرو

راضي فقير جو مقبرو: هيءُ مقبرو لاهور کان 15 ڪوميٽرن جي مفاصلي تي امن پوره (چوهنگ) ۾ واقع آهي. مقبرو رٿ ۾ اٺڪنڊو آهي ۽ زميني سطح کان اٽڪل 5.6 فوٽ اوچو آهي. مقبري ۾ راضي فقير جي قبر آهي. قبر جي پيرانديءَ کان هڪ دري آهي، جيڪو مقبري جو لنگهہ آهي. مقبري ۾ اندر وڃڻ لاءِ ان دريءَ مان جهڪي وڃڻو پوندو آهي. مقبري جي ٻاهران 11 فوٽ ويڪرو ورانڊو ٺهيل آهي، جنهن ۾ زائرين بيهي ختمو پڙهندا آهن. ورانڊي جي اندر اوڀر طرف راضي فقير جي والد عبدالڪريم جي قبر آهي، ان جي سامهون اولھہ طرف بہ هڪ قبر آهي، جنهن تي ڪو بہ ڪتبو لڳل نہ آهي. ان اولھہ واري قبر لاءِ مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي تہ اها خالي قبر آهي، جنهن کي ڪنهن اڳواٽ ٺهرائي ڇڏيو آهي. راضي فقير جو مقبرو سفيد سنگ مرمر جو ٺهيل آهي، جنهن جي ڀتين تي خوبصورت چٽ چٽيل آهن. فرش سنگ مرمر جو اٿس، مقبري ۾ قائم قبرون بہ سنگ مرمر جي سفيد پٿر جون آهن. ورانڊي کان ٻاهر اڱڻ اٽڪل ڏھہ فوٽ ويڪرو اٿس، چوڌاري سنگ مرمر جو فرش وڇايل آهي. اوڀر ۽ ڏکڻ طرف مقبري جي چوديواريءَ کان ٻاهر عَلم لڳل آهي، جنهن جي اوچائي 80 کان 100 فوٽ کن ٿيندي.
مقبري جي چئني طرفن کان وسيع خانقاه ٺهيل آهي، جنهن ۾ هزارين ماڻهو ويهي سگهن ٿا. هڪ اندازي موجب مقبري، خانقاھہ ۽ گادي نشين رحمدل فقير جي گهر سميت ماڳ جي ڪل ايراضي هڪ ايڪڙ ٿيندي.


لفظ راضي فقير جو مقبروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو