
راضي شاهه لڪياري
راضي شاھہ لڪياري (درگاھہ): ٿر جي هن مشھور بزرگ جو اصل نالو سيد صالح محمد شاھہ عرف راضي شاھہ هو. سندس والد جو نالو نور شاھہ لڪياري هو. هن بزرگ جي درگاھہ ضلعي ٿرپارڪر ۾ نئين ڪوٽ شھر جي ڀرسان آهي. هن بزرگ جي مزار مٿان قبو اڏيل آهي، جيڪو انگريز دؤر جو يادگار آهي. مقبرو پڪسرو آهي، جيڪو چن جي مضبوط اوساريءَ سان تعمير ٿيل آهي. مقبري جي ماپ 30 فوٽ ۽ 16 فوٽ اوچو آهي. راضي فقير پنھنجي دؤر جو اعليٰ پايي جو شاعر هو. چيو وڃي ٿو تہ سندس وڏا لڪي شاھہ صدر ۾ رهندا هئا، جتان سندن ڏاڏو ڪلهوڙن جي موليڏنو شاھہ آخري دور ۾ رام جاڳي، تعلقي ساماري لڳ اچي ويٺو. سيد راضي شاھہ هن بزرگ جي اولاد مان آهي. راضي شاھہ پنھنجي دور جو وڏو شاعر هو، جنهن شاھہ لطيف جي تتبع تي بيت لکيا. هن مقبري جو ذڪر سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽريءَ ۾ پڻ آهي. علائقي جا ماڻهو هن درگاھہ سان تمام گهڻي عقيدت رکن ٿا. هن درگاھہ ۾ مٺي پاڻي ۽ زيارتين جي رهائش لاءِ ڪچي مسافرخاني جو انتظام پڻ آهي. درگاھہ کليل پَٽ تي آهي، جنهن کي ’راضي شاھہ جو پٽ‘ چوندا آهن. راضي شاھہ جو وڏو عرصو ٽالپرن جي دؤر ۾ گذريو ۽ هن 80 سالن جي عمر ۾ 1844ع ڌاري وفات ڪئي. سندس درگاھہ تي هر سال اسلامي تاريخ 6، 7، 8 ۽ 9 ذوالحج تي ساليانو ميلو لڳندو آهي، جتي اٺن جي ڊوڙ ۽ ملھہ ملاکڙو پڻ ٿيندو آهي. ان دوران بازار پڻ لڳائي ويندي آهي ۽ دڪان سينگاريا ويندا آهن. هن ميلي ۾ ٻارن جي رانديڪن جو وڪرو تمام گهڻو ٿيندو آهي. ميلي جي موقعي تي لنگر جاري رهندو آهي، عقيدتمندن لاءِ رهائش جو پڻ انتظام ڪيو ويندو آهي. هن ميلي تي ٿر جا لوڪ فنڪار ۽ سگهڙ سُرن جي ورکا ڪندا آهن. مائي ڀاڳي لاءِ بہ مشھور آهي تہ هُوءَ راضي شاھہ جي مريدياڻي هئي.