راشدي، غلام شاھہ: سيد غلام شاھہ، سنڌ جي مشھور راشديه خاندان مان، سيد اصغر شاھہ ’اصغر‘ کانپوءِ باڪمال شاعر ٿي گذريو آهي. سندس والـد جـو نالو پيـر علي ذوالفقار شاھہ هو، جيڪو سيد صـبغـت ﷲ شـاھہ پير پاڳاري جو پٽ ۽ پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جو پوٽو هو. سيد غلام شاھہ 1259ھہ/1843ع ڌاري پير ڳوٺ ضلعي خيرپور ۾ ڄائو. نامور استادن کان عربي، فارسي ۽ ٻين علمن جي تحصيل ڪيائين. کيس تحرير تي پورو عبور حاصل هو. شروع ۾ پاڻ پير حزب ﷲ شاھہ ’مـسـڪـيـن‘ جي عـلمـي مجـلسن جو ميمبر هو، پر پوءِ ڪن خانداني ناسازگار حالتن سبب اباڻو شھر ترڪ ڪري بدين ضلعي جي ڳوٺ گولاڙچيءَ (هاڻي شھر ۽ تعلقي) ۾ وڃي رهيو ۽ آخر تائين اتي ئي رهيو. سندس ڪلام ۾ سوز، گذار ۽ دلي جذباتن جي ترجماني نمايان نظر اچي ٿي. کيس موسيقيءَ سان بہ دلچسپي هوندي هئي. سازن تي هٿ لڳائڻ سان سندس عجيب ڪيفيت ٿي ويندي هئي.
هن باڪمال شاعر 60 سالن جي ڄمار ۾ 3 ذوالحج 1319ھہ/ 13 مارچ 1902ع تي وفات ڪئي.
1902.03.13 عيسوي
هن باڪمال شاعر 60 سالن جي ڄمار ۾ 3 ذوالحج 1319هه/ 13 مارچ 1902ع تي وفات ڪئي.