راشدي زمان شاھہ

راشدي، زمان شاھہ: نامور شاعر ۽ حڪيم پير زمان شاھہ راشديءَ جو جنم 1878ع ڌاري نئين ديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. پير زمان شاھہ جو نالو علائقي جي نامور حڪيمن ۽ شاعرن ۾ شمار ٿيندو هو. نامور محقق پير حسام الدين شاھہ راشديءَ پنھنجي هڪ مضمون ۾ زمان شاھہ راشديءَ جو پنھنجي علائقي جي ناليواري حڪيم طور ذڪر ڪيو آهي. هن جو شاعريءَ ڏانهن بہ لاڙو هو، پر سندس ڪيترو ڪلام ضايع ٿي ويو. هن 1946ع ڌاري وفات ڪئي، سندس اولاد ناري، ضلعي خيرپور ميرس ۾ مستقل طور رهائش پذير آهي، پير زمان شاھہ راشديءَ جي شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
درد وندن جي دلارا دل ڏکوئڻ ناهي روا،
جيءُ جلي جانيءَ لاءِ تن کي جلائڻ ناهي روا،
اي زمان شاھہ! محب منهنجو شال اوطاقي ٿئي،
سو سلام سھڻا ستايل ٻئي کي ستائڻ ناهي روا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو