راشديه لائبرري ٺلاھہ

راشديه لائبرري ’ٺلاھہ‘: هيءَ لائبرري تعلقي باقراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ’ٺلاھہ‘ ڳوٺ ۾ ريلوي اسٽيشن جي ڏاکڻي طرف ميل کن جي مفاصلي تي آهي. انگريزن جي دؤر ۾ هتي وڏي ديني درسگاھہ قائم هئي. درسگاھہ جو باني ابوالبقا مظهر الدين ولد سيد هدايت بن پير محمد راشد روضي ڌڻي هو. هن مدرسي سان لڳ ڇاپخانو قائم ڪيو هئائين، جنهن مان ٻين ڪتابن کان سواءِ ’هدايت الاخوان‘ نالي ماهوار رسالو بہ جاري ڪيائين. وٽس وڏو ڪتبخانو هو، جنهن ۾ عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ هزارين ڪتاب موجود هئا. سندس وفات بعد سندس هيءَ علمي سرمايو سندس فرزند پير حاجي محمد بقا شاھہ عرف مٺل شاھہ سنڀاليو. حاجي محمد بقا مفتي غلام عمر جتوئيءَ جو شاگرد هو. هو خلافت تحريڪ جو بہ سرگرم ڪارڪن رهيو هو. درس و تدريس سان گڏ حڪمت ۾ بہ چڱو نالو ڪڍيائين. هن ذاتي ڪتبخاني ۾ بہ گهڻو اضافو ڪيو. هاڻ راشديه لائبرري ٺلاھہ نالي ماتر آهي، پر ڪنهن دؤر ۾ هيءَ لائبرري سنڌ جي اهم ڪتبخانن ۾ شمار ٿيندي هئي.


لفظ راشديه لائبرري ٺلاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو