
راسينگ جو قبو
راسينگ جو قبو: هيءُ قبو راسينگ نالي هڪ نيڪ مرد جو اڏايل آهي، جيڪو ويهين صدي عيسويءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري تعمير ٿيو. هي مقبرو ضلعي سانگهڙ، تعلقي شھدادپور جي ديھہ مراد علي رند ۾، مقصودي رند شھر جي اتر اوڀر طرف ٽن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڳوٺ خيري رند جي ڀرسان 6° 05' 05" ڊگريون اتر ويڪرائي ۽ 68° 35' 39" ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. هيءُ قبو ڊيگهہ ۽ ويڪر ۾ اندازاً 12x12 فوٽ ۽ اوچائي 15 فوٽن تي سنهين سرن سان ٺهيل آهي. قبي کي اوڀر کان هڪ لنگهہ گول ونگ سان ڏنل آهي. لنگهہ جي پاسن کان جارا ٺهيل آهن، ڇت گنبذ واري آهي. مقبري جو ٻيڙ ٻنو سادو آهي، جنهن تي ڪا بہ برجي وغيرہ ڪانهي ۽ نہ ئي ان جو ڪو نشان آهي، جو چئجي تہ اڳ ۾ هتي ڪا برجي بہ هئي، مقبرو ڪنهن وقت لتل هو، پر هاڻي ڀتين تان گارو ڇڻي ويو آهي. هي قبو هڪ هندو زميندار راسينگ مل ٺهرايو. چون ٿا تہ راسينگ مل هڪ نيڪ انسان هو، ڪو بہ ماڻهو مري ويندو هو تہ ان جي ميت جو سڀ خرچ پاڻ ڀريندو هو. راسينگ جي مرڻ کان پوءِ سندس لاش هتي رکرايو ويو هو، پر هينئر قبي اندر ڪا بہ قبر يا ڪا اهڙي شيءِ موجود ناهي. قبي جي اتر طرف هن زميندار جي اوطاق هوندي هئي، جنهن جا نشان موجود آهن. قبي جي پاسي ۾ هندو وڏي تعداد ۾ رهندا هئا.