راز بلڙائي

راز بلڙائي: ناليواري شاعر، ناول نويس ۽ ڪهاڻيڪار راز بلڙائيءَ جو اصل نالو عبدالطيف ولد عبدالستار ڪوريجو هو. شاعريءَ ۾ ’راز‘ تخلص ڪتب آڻيندو هو. هن نامور شاعر 12 ڊسمبر 1923ع تي ضلعي ٺٽي جي شھر درويش، تعلقي گهوڙا ٻاريءَ ۾ جنم ورتو. هن عملي زندگيءَ جو آغاز پوليس کاتي ۾ نوڪري اختيار ڪرڻ سان ڪيو ۽ پوءِ استاد ٿيو. شعر ۽ شاعريءَ جو شغل ننڍي هوندي کان ئي هوس. شاعريءَ ۾ سندس استاد محمد زمان طالب الموليٰ ۽ بسمل ٽکڙائي هئا، جن سندس گهڻي رهنمائي ڪئي. راز بلڙائي سنڌي ٻوليءَ جي اهم شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن ڪلام ٿورو سرجيو، پر فني لحاظ کان نهايت سليس ۽ سولي شاعري ڪئي اٿس، بنيادي طرح غزل جو شاعر رهيو، پر نظم بہ لکندو رهيو. سندس ڪوبه شعري مجموعو شايع نہ ٿيو آهي، البت محبوب سروريءَ جي ڪتاب ’يار خاطر‘ ۾ سندس ڪجهه ڪلام شايع ٿيو آهي.
راز بلڙائيءَ جا هيٺيان نثري ڪتاب ڇپيا آهن: ’گناھہ‘ (ناول)، ’شرابي‘ (ناول)، ’بک‘، ’بک ۽ بيڪاري‘ (افسانو) ۽ ’گلبدن).
هن پنجاھہ ورهين جي ڄمار ۾ 1973ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ راز بلڙائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1923.12.12  عيسوي

هن نامور شاعر 12 ڊسمبر 1923ع تي ضلعي ٺٽي جي شهر درويش، تعلقي گھوڙا ٻاريءَ ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مير عبدالرسول مير ٽالپر
اميد خيرپوري
عرض محمد خان لغاري نواب
غلام مهدي قاضي
دائم فقير
اعظم شاھہ بقاپوري
پلي عبدالڪريم
ارشد هالائي
اختر انصاري اڪبرآبادي
سيد گل حسن شاھہ مجذوب
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون