راحت ڪاظمي:

راحت ڪاظمي:

راحت ڪاظمي

راحت ڪاظمي: ناميارو اداڪار ۽ ڪمپيئر راحت ڪاظمي، 30 جون 1946ع تي شِملي ۾ ڄائو. سندس والد هڪ وڪيل هو. هن شروعاتي تعليم راولپنڊيءَ مان ورتي ۽ قانون ۽ انگريزي ادب ۾ ماسٽرس جون ڊگريون پنجاب يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيون.
راحت ڪاظميءَ 1968ع ۾ اطلاعات کاتي ۾ انفارميشن آفيسر طور عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. 8 سال ملازمت ڪرڻ کان پوءِ استعيفا ڏئي اداڪاريءَ جي دنيا ۾ آيو. کيس ڪاليج جي زماني کان اداڪاريءَ جو شوق هو، ان ڪري هن ٿوري عرصي ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي. هن 1965ع کان لاهور ۽ اسلام آباد ٽيليويزن تي ڊراما ۽ ڪوئز شو ڪيا. راحت ڪاظمي سٺو ٽاڪ شو ڪمپيئر بہ رهيو آهي. هن مشھور ٽي. وي اداڪارہ سائره سان پسند جي شادي ڪئي. سائره ڪاظمي ۽ راحت شاديءَ کان پوءِ شوبز ۾ تمام گهڻو سرگرم رهيا آهن.


لفظ راحت ڪاظميھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.06.30  عيسوي

ناميارو اداڪار ۽ ڪمپيئر راحت ڪاظمي، 30 جون 1946ع تي شِملي ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالقدير خان ڊاڪٽر
للت دبي
عالم خان گوپانگ
آزر
جينت ريلواڻي
چندناڻي ارجن (سي ارجن)
ڪلا پرڪاش
نواب سعيد خان
حاجي خان محمد مڱريو
غلام علي ميمڻ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون