راحت ٻائي

راحت ٻائي: راحت ٻائي، نيڪ سيرت، عابده، زاهده ۽ مهمان نواز ۽ بزرگ عورت هئي. هن 1905ع ڌاري ڳوٺ وهري تعلقي عمرڪوٽ ۾ مشھور بزرگ ميان جان محمد ڪيريي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد ميان جان محمد ناليوارو بزرگ هو، جنهن جي درگاھہ ڳوٺ وهري شريف ۾ آهي، مٿس هر سال ميلو لڳندو آهي. سندس وڏن ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ وهري ۾ اچي مدرسو قائم ڪيو هو. راحت ٻائي والد جي وفات بعد مدرسي ۽ والد جي درگاھہ جو انتظام سنڀاليو. هوءَ انتهائي پرهيزگار ۽ سخي دل نيڪ خاتون هئي. سڄي زندگي شادي نہ ڪيائين ۽ درگاھہ ۽ مدرسي جي خدمت ڪندي رهي. مذهبي عقيدي موجب پاڻ نقشبندي طريقي سان وابستہ هئي. پنھنجي مريدن وٽ پنھنجي نالي راحت بدران ’ٻائي صاحبہ‘ جي نالي سان مشھور ٿي. مدرسي ۽ درگاھہ تي هلندڙ لنگر جو خرچ پاڻ ڪندي هئي. سندس مدرسي ۾ پري وارن علائقن جا ڪيترا شاگرد علم حاصل ڪندا هئا، جن جي سار سنڀال سندس ذمي هئي. مائي راحت پنھنجي والد جي درگاھہ تي هر سال چيٽ جي مهيني ۾ ميلو لڳائيندي هئي. هن بزرگ عورت 27 مئي 1979ع تي وفات ڪئي، کيس درگاھہ ميان جان محمد وهري، تعلقي عمرڪوٽ ۾ دفنايو ويو.


لفظ راحت ٻائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1979.05.27  عيسوي

هن بزرگ عورت 27 مئي 1979ع تي وفات ڪئي، کيس درگاهه ميان جان محمد وهري، تعلقي عمرڪوٽ ۾ دفنايو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀائي ڪنيا
انيل دلپت
چشتي مجاهد
مراد فقيرسنديلو
برهم گپت
خواجہ باقي بالله
ڪريم بخش چنا
جتوئي محمد يعقوب ڪامريڊ
جوڻيجو ميان فقير محمد خان
ڏيرو عبدالڪريم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون