راحب فقير جو دڙو: ڀٽ شاھہ ۾ شاھہ لطيف جي درگاھہ کان هزار کن فوٽ اوڀر ۾ هڪ دڙو هوندو هو، جنهن کي راحب فقير جو دڙو چيو ويندو هو. راحب ابڙو ڪوري هو، جيڪو شاھہ صاحب جو فقير ٿيو، هي اهو فقير هو، جنهن شاھہ صاحب جي شاديءَ وقت انهيءَ اٺ جي واڳ جهلي هئي، جنهن جي ڪجاوي ۾ شاھہ صاحب جي ڪنوار ويٺل هئي. شاھہ صاحب جڏهن ڀٽ وسائي تہ هي بہ ساڻس گڏ آيو هو ۽ جنهن جاءِ تي اچي رهيو، ان کي راحب فقير جو دڙو چيو ويو. بعد ۾ ان دڙي تي شاھہ صاحب جي ڀيڻ جو ڪٽنب رهيو، جن جا ڪي پويان اڃا تائين اتي رهن ٿا ۽ سندن ويهارو کن گهر اُتي موجود آهن