راج ڳڙهه

راج ڳڙهه

راج ڳڙھہ

راج ڳڙھہ (Raj Garh): هي ماڳ هندستان جي صوبي هرياڻه جي ضلعي جنڊ جولانا کان 6 ڪلوميٽر ڏکڻ ۽ جند شھر کان 24 ڪلوميٽر پري مولا بد ڇپار روڊ تي "04.8 '08 °29 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ، "51.3 '21 °76 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي ڳوٺ راجڳڙھہ کان 5 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ موجود دڙو آهي. هي دڙو اوڀر- اولھہ پاسي بي ترتيب آهي. مقامي طور هن دڙي کي ’کيري‘ چون ٿا. هي دڙو هڪ هيڪٽر جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. دڙو پوکيءَ هيٺ آيل آهي، جنهنڪري اهو زمين جي برابر ٿي ويو آهي. کوٽائيءَ دوران هتان اوائلي سنڌو تھذيب ۽ وچين تاريخي دؤر جون وٿون ملن ٿيون. هن دڙي جي ڀرسان ئي ٻيو دڙو آهي، جيڪو راج ڳڙھہ-1 سڏجي ٿو، جيڪو پنجن هيڪٽرن جي ايراضيءَ ۾ ڦهليل آهي ۽ 5 ميٽر اوچو آهي. هتان تاريخي ۽ وچين تاريخي دؤر جا نوادرات مليا آهن.


لفظ راج ڳڙھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو